آءِ سي سي صحافين کي پاڪستاني ڪپتان کان سياسي سوالن کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي مينز ٽيمن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ آءِ سي سي وومينز ورلڊڪپ کي تڪرار کان بچائڻ لاءِ خبردار ۽ محتاط ٿي ويو آهي.
آءِ سي سي وومينز ورلڊڪپ ۾ سڀاڻي پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيندو، جنهن کي ڪنهن به تڪرار کان بچائڻ لاءِ آءِ سي سي حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي.
پاڪستان وومينز ٽيم جي ڪپتان فاطمه ثناءَ جي پريس ڪانفرنس دوران صحافين نرم انداز ۾ پاڪ-ڀارت موجودا حالتن بابت سوال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر آءِ سي سي جي ميڊيا مئنيجر سيپو ڪازي ان سلسلي ۾ واضح هدايتون جاري ڪيون.
پريس ڪانفرنس ۾ سيپو ڪازي چيو ته سياسي سوال نه ڪيا وڃن ۽ ”هينڊ شيڪ“ بابت به ڪا ڳالهه نه ڪئي وڃي، رڳو ڪرڪيٽ سان لاڳاپيل سوال پڇيا وڃن.
آءِ سي سي جي هدايتن کانپوءِ پريس ڪانفرنس شروع ٿي، جنهن ۾ قومي وومينز ٽيم جي ڪپتان فاطمه ثناءَ ڀارت خلاف ميچ جي تياري بابت آگاهي ڏني.
فاطمه ثناءَ چيو ته ڀارت خلاف ميچ لاءِ سٺي تياري ڪئي آهي، اسان جو ڌيان رڳو ڪرڪيٽ تي آهي ۽ اسان هتي رڳو ڪرڪيٽ کيڏڻ آيا آهيون.
هن چيو ته بنگلاديش کان شڪست بعد پاڪستان ٽيم اڃا ٽورنامينٽ مان ٻاهر نه ٿي آهي، اسان واپسي ڪنداسين، سڀني رانديگرن سٺي تياري ڪئي آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ قومي ڪپتان چيو ته ماضيءَ ۾ ٽيمن جو هڪ ٻئي سان لڳ لاڳاپا هوندا هئا، جيڪا سٺي روايت هئي، پر هاڻي پهرين ترجيح رڳو ڪرڪيٽ کيڏڻ آهي، اسان کي خبر آهي ته ٻاهر ڇا هلي رهيو آهي، پر اسان جي ٽيم جو ڌيان صرف ڪرڪيٽ تي آهي.
فاطمه ثناءَ وڌيڪ چيو ته ننڍي عمر ۾ ڪپتاني سميت ڪيترائي اعزاز حاصل ڪيا، ٽيم ۾ شامل سينيئر پليئرز سپورٽ ڪن ٿيون ۽ اسان سڀ هڪ ٽيم طور کيڏون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.