حڪومت جو باظابطا طور عالمي قرض ڏيندڙ ادارن سان رابطو

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان باقاعدي طور عالمي قرض ڏيندڙ ادارن جن ۾ عالمي بينڪ، ايشيائي ترقياتي بينڪ، يورپي يونين ۽ گڏيل قومن جو ترقياتي پروگرام (UNDP) شامل آهن ، انهن سان رابطو ڪيو آهي ته جيئن 2025ع جي فليش فلڊز (اوچتو ايندڙ سيلاب) سبب ٿيندڙ نقصانن جو صحيح تخمينو لڳائڻ لاءِ ضروري ضرورتن جو جائزو ورتو وڃي، ذريعن موجب پاڪستان جي ناڻي واري وزارت بين الاقوامي ادارن کي باقاعدي خط لکيو آهي، جنهن ۾ درخواست ڪئي وئي آهي ته 2025ع جي ٻوڏ سبب معيشت کي پهتل نقصانن جو جامع ڪاٿو تيار ڪيو وڃي، حڪومت اڳ ۾ ئي نقصانن جو هڪ شروعاتي ڪاٿو تيار ڪيو هو، جيڪو وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۽ پاڪستان جو دورو ڪندڙ آءِ ايم ايف جي جائزي واري مشن سان شيئر ڪيو ويو، پر ان تي تنقيد ٿي، ڇو ته ان رپورٽ ۾ ڪجهه غلطيون هيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.