ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ۽ پروڊيوسر عائشه عمر انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن هوءَ ننڍي عمر ۾ شوبز انڊسٽري ۾ آئي ته ڪيترائي ماڻهو پنهنجون حدون اورانگهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
ويجهڙ ۾ عائشه عمر هڪ ڪاميڊي شو ۾ مهمان بڻي، جتي هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن ۾ پيش آيل ڏکيائين بابت تفصيلي ڳالهايو.
اداڪارا موجب، ننڍي عمر ۾ شوبز جي دنيا ۾ قدم رکندي کيس ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پيو ۽ اهو هڪ ڏکيو دور هو.
سندس چوڻ هوته گهڻا ماڻهو کيس سنجيدگيءَ نه وٺندا هئا، ڇو ته هڪ ته سندس عمر گهٽ هئي ۽ ٻيو اهو ته هوءَ تمام کل ڀوڳ واري ڇوڪري طور نظر ايندي هئي.
عائشه عمر جو چوڻ هو ته ڪيترائي مرد حدون اورانگهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ ان وقت مون کي پاڻ کي مضبوط ڏيکارڻو پوندو هو، جيئن ڪو اهو نه سمجهي ته مان ڪمزور آهيان، ان لاءِ مون هڪ ”نان سينس“ رويو اختيار ڪيو ته جيئن ماڻهو مونکي سنجيدگيءَ سان وٺن.
هن جو چوڻ هو ته جڏهن هوءَ لاهور کان ڪراچي منتقل ٿي ۽ اڪيلي رهڻ لڳي ته اهو رويو اڃا وڌيڪ ضروري ٿي پيو، ڇاڪاڻ ته اڪيلي ڇوڪري کي اڪثر ڪمزور سمجهيو ويندو آهي، تنهنڪري مونکي وڌيڪ سخت رويو اختيار ڪرڻو پيو
عائشه عمر شو ۾ ڳالهائيندي پنهنجي ڪيريئر ۾ ٿيل ڪجهه غلطيون به قبوليون.
اداڪاره ٻڌايو ته ماضيءَ ۾ هن ڪجهه اهڙا ايوارڊ شو ڪيا جن جي مڪمل ادائيگي اڄ تائين نه ٿي سگهي آهي.
You might also like