منور فاروقيءَ جي قتل جو منصوبو ناڪام، ٻه شوٽرز گرفتار، جوابدارن جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) دهلي پوليس ڀارتي اسٽينڊ اپ ڪاميڊين ۽ ريئلٽي شو بگ باس 17 جي فاتح منور فاروقي کي قتل ڪرڻ جي سازش کي ناڪام بڻائيندي 2 شوٽرز کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارتي پوليس دهليءَ جي علائقي ڪالندي ڪنج ۾ ڪارروائي ڪندي گولڊي برار گينگ جي ٻن شوٽرز کي گرفتار ڪيو.
پوليس موجب، گرفتار شوٽرز پڇا ڳاڇا تي ٻڌايو ته کين ڪاميڊين منور فاروقي کي قتل ڪرڻ جون هدايتون گينگسٽر روهت گودارا، گولڊي برار ۽ وريندر چرن طرفان مليون هيون.
واضح رهي ته گذريل مهيني ڀارتي گينگسٽر روهت گودارا ۽ گولڊي برار گينگ جي حڪمن تي بالي ووڊ اداڪارا ديشا پٽاني جي گهر ٻاهران اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪئي هئي جنهن ۾ اداڪارا ۽ سندس ڪٽنب محفوظ رهيو.
ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته ديشا پٽاني جي ڀيڻ خوشبو پٽاني طرفان سنن روحاني اڳواڻن پريمانند مهاراج ۽ انيروڌچاريه جي مهاراج بابت توهين جوڳو بيان ڏيڻ سبب اهو حملو ڪيو ويو.
ياد رهي ته گولڊي برار گروپ ئي سک گلوڪار سڌو موسي والا جي قتل جو ماسٽر مائينڊ آهي ۽ اِهو گروهه بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان کي به مختلف موقعن تي موتمار ڌمڪيون ڏيندو رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.