جسٽس طارق جهانگيري جي ڊگري رد ڪرڻ وارو ڪراچي يونيورسٽيءَ جو فيصلو معطل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ڊگري رد ڪرڻ بابت ڪراچي يونيورسٽي جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ڊگري رد ڪرڻ واري معاملي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڪراچي يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار پروفيسر عمران صديقي عدالت ۾ پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران ڪراچي يونيورسٽي جي رجسٽرار عدالت کي ٻڌايو ته کيس ٽيون ڏينهن نوٽيس مليو آهي ۽ جواب ڏيڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي.
ان تي جسٽس اقبال ڪلهوڙو پڇاڻو ڪيو ته جواب لاءِ ڪيترو وقت گهرجي؟ هن چيو ته مهلت ڏني ويندي، پر جيڪڏهن انهي دوران درخواست گذار خلاف ڪا ڪارروائي ٿي وئي ته ڇا ٿيندو؟
هن موقعي تي بئريسٽر صلاح الدين چيو ته ڌرين کي جواب لاءِ مهلت ڏجي، پر تيستائين آرڊر معطل ڪيو وڃي.
جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته جيڪڏهن بعد ۾ آرڊر واپس ٿي ويو ته درخواست گذار کي ٿيندڙ نقصان جو ازالو ڪير ڪندو؟ هتي هڪ ماڻهو جي سڄي زندگيءَ جي ڪمائي داءَ تي لڳل آهي، ڊگري واري معاملي ۾ متاثر ڌر کي نوٽيس ڏنو ويو هو؟
رجسٽرار چيو ته هن پوسٽنگ نئين آهي، کيس ڄاڻ نه هو، جنهن تي جسٽس اقبال چيو ته جيڪڏهن توهان عدالت ۾ پيش ٿيا آهيو ته جواب ڏيڻ لازمي آهي، شايد ذاتي مفاد سبب درخواست گذار خلاف ڪارروائي ٿي، 30-35 سالن کانپوءِ جيڪڏهن ڪا درخواست ڏني وڃي ته متاثر فرد کي سڏائڻ گهرجي نه، ڌرين کي ٻڌڻ کانسواءِ ڪيل عدالتي فيصلو اهميت نه رکي ٿو، ايڪس پارٽي فيصلي کي سٺو فيصلو نه سمجھيو ويندو.
ان کانپوءِ عدالت جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ڊگري رد ڪرڻ بابت ڪراچي يونيورسٽيءَ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو ۽ درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 20 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته ڪراچي يونيورسٽي 26 سيپٽمبر تي جسٽس طارق محمود جهانگيري جي قانون واري ڊگري رد ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.