بلوچستان ۾ سڪيورٽي فورسز جو آپريشن ، فتنه الهندوستان جا ست دهشتگرد ماريا ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي شيراني ۾ آپريشن دوران ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جا 7 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، شيراني ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي موجودگي بابت اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ فتنه الهندوستان جا 7 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اٽرائتي نموني سان نشانو بڻايو، جڏهن ته دهشتگردن وٽان هٿيار، گولا بارود ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي شيراني ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن خلاف آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيندي چيو ته فورسز وقتائتي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا.
محسن نقوي جو چوڻ هو ته ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن کي سلام پيش ڪيان ٿو، بلوچستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون ڪاميابيون قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي بيٺل آهي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به سيڪيورٽي فورسز ڪوئيٽا ويجهو غزا بند واري علائقي ۾ آپريشن ڪري 10 دهشتگرد کي جهنم ڀيڙو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.