مشهور سوشل ميڊيا ايپ ’سنيپ چيٽ‘ اعلان ڪيو آهي ته اها پنهنجي ”ميموريز” فيچر ۾ محفوظ ڪيل پراڻين تصويرن ۽ پوسٽن تي پنج جي بي کان وڌيڪ اسٽوريج استعمال ڪندڙ واهپيدارن کان فِي وصول ڪندي.
ڪمپني پنهنجي بلاگ پوسٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته نوان ”ميموريز اسٽوريج پلان“ متعارف ڪرايا پيا وڃن، جيڪي اهڙن واهپيدارن لاءِ هوندا جن جي محفوظ ڪيل ڊيٽا پنج جي بي کان وڌيڪ آهي.
سنيپ چيٽ موجب، ڪيئي واهپيدار جن جون ميموريز پنج جي بي کان گهٽ آهن، انهن لاءِ ڪائي ڦيرڦار نه ٿيندي، جڏهن ته جن واهپيدارن کي وڌيڪ اسٽوريج جي ضرورت آهي، اهي پنهنجي اسٽوريج وڌائي سگهن ٿا ته جيئن پنهنجون تصويرون ۽ ويڊيوز محفوظ رکي سگهن.
نئين اسٽوريج اسڪيم تحت 100 جي بي، 250 جي بي (سنيپ چيٽ پلس سان گڏ) ۽ پنج ٽي بي (سنيپ چيٽ پليٽينم سان گڏ) جا پلان دستياب هوندا.
ڪمپني تسليم ڪيو ته مفت سروس مان فِي ڏانهن وڃڻ واهپيدارن لاءِ سولو نه هوندو، پر هي فِي ان فيچر جي بهتري ۽ پائيداري لاءِ ضروري آهي.
ڪمپني جو چوڻ اهي ته ” اهي تبديليون اسان کي ميموريز کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ سڄي ڪميونٽي لاءِ جاري رکڻ ۾ مدد ڏينديون.“
سنيپ چيٽ اهڙن پلانن جي مڪمل قيمت ظاهر نه ڪئي، پر ’ٽيڪ ڪرنچ‘ سان ڳالهائيندي ڪمپني جي ترجمان ٻڌايو ته 100 جي بي اسٽوريج پلان جي قيمت ماهوار 1.99 ڊالر هوندي، جڏهن ته 250 جي بي اسٽوريج سنيپ چيٽ پلس (3.99 ڊالر ماهوار سبسڪرپشن) جو حصو هوندو.
ياد رهي ته سنيپ چيٽ جو ”ميموريز“ فيچر 2016 ۾ متعارف ڪرايو ويو هو ۽ تڏهن کان اڄ تائين واهپيدارن ان ۾ هڪ ٽريلين کان وڌيڪ تصويرون ۽ پوسٽون محفوظ ڪيون آهن.
جن واهپيدارن جي ڊيٽا پنج جي بي کان وڌيڪ آهي، تن کي 12 مهينن جي عارضي اسٽوريج ڏني ويندي جنهن دوران هو پنهنجون پراڻيون ”ميموريز“ ڊائونلوڊ ڪري پنهنجي ڊيوائس ۾ محفوظ ڪري سگهن ٿا.