سنڌ حڪومت ۽ امپلائيز الائنس اڳواڻن ۾ ڳالهيون ڪامياب، 6 آڪٽوبر وارو ڌرڻو ملتوي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ۽ سنڌ امپلائيز الائنس اڳواڻن ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد 6 آڪٽوبر تي رٿيل ڌرڻو ملتوي ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، سنڌ امپلائيز الائنس اڳواڻن جون چيف سيڪريٽري سنڌ سان مطالبن جي مڃتا بابت ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف سيڪريٽري جي وڏي وزير سان ڳالهه ٻولهه بعد، پينشن ڪٽوتي وارو معاملو ايندڙ سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ شامل ڪري ان کي حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ سنڌ امپلائيز الائنس جي چيئرمين اشرف خاصخيلي چيو ته اسان جا مطالبا ڪابينا اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪيا ويا، تنهنڪري احتجاج ملتوي ڪيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.