اسلام آباد(ظفر نقوي)پ پ ۽ ن ليگ ۾ اوچتو هڪ ٻئي خلاف بيان بازي ۽ تنقيد جو مرحلو ڪيئن اچي ويو؟بظاهر ڪئنالن جي معاملي تي هڪ ٻئي مٿان گولاباري ٿي رهي آهي پر سڀني کي خبر آهي ته ڪئنال جن ”طاقتورن“ لاءِ ٺاهيا پيا وڃن اهي جڏهن چاهين ٺاهي وٺندا،ٻئي پارٽيون ان رٿا کي روڪي نٿيون سگهن نه ئي انهن ۾ اهڙي جرئت آهي جڏهن ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ بهتر ڪم ڪري رهي آهي،پنجاب ۾ ن ليگ کي پ پ مان ڪو به خطرو ناهي،اصل خطرو ته مقبول جماعت تحريڪ انصاف مان آهي،ماضي ۾ هڪ ٻئي جي سخت مخالف رهندڙ پ پ ۽ ن ليگ جو اتحاد هن وقت راضي خوشي سان ناهي ٿيو،اهو ته ”ڏنڊي“ جي زور تي قائم آهي،جنهن ڏينهن ڏنڊو هٽيو ٻئي پارٽيون وري 90ع جي ڏهاڪي واري سياست تي اچي وينديون،ٻئي پارٽيون ان ”ڏنڊي“ جي اجازت کان بغير واش روم به نٿيون وڃي سگهن،