ماسڪو (ويب ڊيسڪ) شام جي اڳوڻي صدر بشار الاسد کي زهر ڏنو ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب 10 مهينا اڳ اقتدار تان هٽايل شام جي اڳوڻي صدر بشار الاسد کي ماسڪو ۾ زهر ڏئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
حالت بگڙڻ تي کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنهن کي حالت سڌرڻ کانپوءِ ڊسچارج ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته بشار الاسد صدارت کسجڻ کانپوءِ روس ۾ پناهه ورتي آهي، نئين شامي حڪومت روس کان بشار الاسد جي حوالگي جو مطالبو ڪري رهي آهي پر روس حوالگي کان انڪاري آهي.
بشار الاسد کي زهر ڏيڻ جي حوالي سان هيل تائين روسي حڪومت طرفان ڪو بيان سامهون ناهي آيو.
You might also like