ليجنڊري فٽبالر ميسي ڀارت جي دوري جي تصديق ڪري ڇڏي، تفصيل پڌرا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ليجنڊري فٽبال ليونل ميسي گاٽ ٽور 2025ع جي سلسلي ۾ ڊسمبر ۾ ڀارت جو دورو ڪندو ،
ارجنٽينا جي ليجنڊري فٽبالر ليونل ميسي خميس ڏينهن تي هڪ باظابطا بيان ذريعي تصديق ڪئي آهي ته هو ڊسمبر ۾ ڀارت جو دورو ڪندو، جيڪو گاٽ ٽور 2025ع جو حصو هوندو.
فٽبالر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”اِها مون لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي جو مان ڀارت جو دورو ڪري رهيو آهيان، ڀارت مون لاءِ ڏاڍو خاص ملڪ آهي ۽ 14 سال اڳ ڪيل دوري جا يادگار لمحا اڄ به تازا آهن، هتي پيار ڪندڙ شوقين رهن ٿا.“
هن چيو ته ”ڀارتي فٽبال جذباتي لڳاءُ رکندڙ آهن ۽ مان نون مداحن جي نسل سان ملڻ لاءِ منتظر آهيان ۽ انهن سان فٽبال راند لاءِ محبت شيئر ڪندس.“
واضح رهي ته ليونل ميسي جو چئن شهرن تي ٻڌل دورو 13 ڊسمبر کان اولهه بئنگال جي راڄڌاني ڪولڪتا کان شروع ٿيندو، جيڪو احمد آباد ۽ ممبئيءَ کان ٿيندو 15 ڊسمبر تي نئين دهلي ۾ پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچندو.
ڪولڪتا جو مشهور سالٽ ليڪ اسٽيڊيم ٻيهر ميسي جي ميزباني ڪندو، جتي هو پونئن ڀيري 2011ع ۾ فٽبال ميچ پڻ کيڏيو هو، جنهن ۾ ارجنٽينا فيفا انٽرنيشنل فرينڊلي ۾ وينزويلا کي 1-0 سان شڪست ڏني هئي.
هن ڀيري ڪولڪتا ۾ ميسي لاءِ ڪنسرٽس ۽ خاص تقريبن جو بندوبست ڪيو ويو آهي، جتي اميد آهي ته هو ڀارتي ڪرڪيٽ ليجنڊ سارو گنگولي، فٽبال ماهر ڀائيچونگ ڀٽيا ۽ اولمپڪ ٽينس ميڊلسٽ لينڊر پيس سان گڏ ميدان تي لهندو.
ممبئي ۾ ميسي ”Padel GOAT Cup“ ۾ اڳواڻ هوندو، جتي شاهه رخ خان، سچن ٽنڊولڪر، ايم ايس ڌوني ۽ اهم بالي ووڊ اسٽارز جي شرڪت جو امڪان آهي.
ميسي جو ڊسمبر وارو دورو شايد ان کان ڪجهه هفتا اڳ ٿيندڙ هڪ ٻئي امڪاني ڀارت دوري سان جڙيل هجي، ڇاڪاڻ ته ارجنٽينا جي مينز فٽبال ٽيم نومبر ۾ فيفا جي انٽرنيشنل ونڊو دوران ڀارت کي پنهنجي شيڊيول ۾ شامل ڪيو آهي، جنهن تحت هڪ فرينڊلي ميچ 10 ۽ 18 نومبر جي وچ ۾ ڪيرالا ۾ رٿيل آهي.
ياد رهي ته ليونل ميسي بيجنگ 2008ع جو اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ آهي، هن ارجنٽينا کي 2022ع ۾ ڪپتان طور فيفا ورلڊ ڪپ ٽرافي ۽ گذريل سال ٻيو ڀيرو ڪوپا آمريڪا ڪپ ۾ فاتح بڻايو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.