فيسبڪ، واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام فون ذريعي توهان جون ڳالهيون رڪارڊ ڪري رهيا آهن؟

ڇا توهان کي محسوس ٿئي ٿو ته انسٽاگرام توهان جي ڳالهين کي سمارٽ فون مائيڪ ذريعي ٻڌي رهيو آهي؟
جيڪڏهن ها ته ميٽا جي ملڪيت فوٽو شيئرنگ ايپ جي سربراهه ايڊم موسيري ان حوالي سان وضاحتي بيان جاري ڪيو آهي.
هن پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ ۾ اهڙن خيالن کي سختي سان رد ڪيو ته سوشل ميڊيا پليٽفارم واهپيدارن جون ڳالهيون ٻڌي ٿو ته جيئن ان موجب اشتهار ڏيکاري سگهي.
هونئن اِهو پهريون ڀيرو ناهي، ميٽا بابت اڪثر اهڙي قسم جا افواهه گردش ڪندا رهندا آهن ته هيءَ ڪمپني واهپيدارن جي فونز ذريعي سندن ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ڪري ٿي ۽ ڪمپني ڪيئي ڀيرا اهڙن افواهن کي رد ڪري چڪي آهي.
ايڊم موسيري جو بيان ان وقت سامهون آيو جڏهن ميٽا ڪمپني اعلان ڪيو ته هو پنهنجي سڀني سوشل ايپس ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) اسسٽنٽ سان ٿيندڙ چيٽس جي ڊيٽا کي ٽارگيٽيڊ اشتهارن لاءِ استعمال ڪندي.
سولن لفظن ۾ ميٽا کي فون جي مائيڪروفون ذريعي توهان جون ڳالهيون رڪارڊ ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي، ڇو ته ان وٽ اڳ ۾ ئي توهان بابت کوڙ ڊيٽا موجود هوندي آهي.
انسٽاگرام پوسٽ ۾ ايڊم موسيري چيو ته کيس ڪيترائي ڀيرا چيو ويو آهي ته ميٽا واهپيدارن جون ڳالهيون ٻڌي ٿي ۽ گهڻا ماڻهو يقين ئي نٿا ڪن ته ڪمپني ڪيئن توهان کي اشتهارن جو نشانو بڻائي ٿي.
ايڊم موسيري موجب، سندس زال به ان موضوع تي ساڻس بحث ڪري چڪي آهي.
ياد رهي ته اڪثر ائين ٿيندو آهي جو اسان ڪا شيءَ خريد ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪندا آهيون ۽ اوچتو ئي ان سان لاڳاپيل اشتهار فيسبڪ يا ٻين سائيٽن تي نظر ايندا آهن.
جنهن تي ڪيترن ماڻهن کي لڳندو آهي ته فيسبڪ سندن ڳالهيون ٻڌي ٽارگيٽيڊ اشتهار ڏيکاري رهيو آهي.
ميٽا ان دعويٰ جي مسلسل ترديد ڪندي آئي آهي، ڪمپني جو چوڻ آهي ته ان بهترين رڪومينڊيشنز لاءِ ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ڪرڻ جي ضرورت ناهي.
ايڊم موسيري چيو ته اهڙي قسم جي ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ڪرڻ پرائيويسي جي سخت ترين ڀڃڪڙي هوندي ۽ اسان ائين نٿا ڪريون.
2016 ۾ ميٽا (جنهن وقت ان جو نالو فيسبڪ هو) هڪ بلاگ پوسٽ ۾ واضح طور چيو هو ته ان کي اهو طئي ڪرڻ لاءِ فون جي مائيڪروفون کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت ناهي ته ڪهڙا اشتهار واهپيدارن کي ڏيکاريا وڃن.
ڪجهه وقت اڳ آمريڪي ڪانگريس ۾ هڪ بريفنگ دوران ميٽا جي چيف ايگزيڪيوٽو مارڪ زڪربرگ به ان ڳالهه جي ترديد ڪئي هئي ته ڪمپني ان مقصد لاءِ واهپيدارن جو آڊيو ڊيٽا گڏ ڪري ٿي.
ايڊم موسيري پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته جيڪڏهن ميٽا فون جي مائيڪروفون کي استعمال ڪري ها ته واهپيدارن کي ان جو پتو لڳي وڃي ها، ڇوته فون جي اسڪرين جي مٿان لائيٽ ۾ ان جي نشاندهي ٿيندي ۽ فون جي بيٽري به تيزيءَ سان ختم ٿي وڃي ها.
هن وضاحت ڪئي ته ڪمپني جو رڪومينڊيشن سسٽم ايترو سگهارو انڪري آهي ڇو ته ان سان مختلف ڪمپنين طرفان واهپيدارن جي ويب سائيٽس وِزٽ ڪرڻ جو ڊيٽا شيئر ڪئي ويندي.
انهن تفصيلن سان ميٽا کي واهپيدارن بابت اشتهارن جو طئي ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.
اهڙي ريت ڪمپني ماڻهن کي اهي اشتهار ڏيکاريندي آهي جيڪي ساڳين دلچسپين رکڻ وارن ٻين ماڻهن جي مزاج سان ٺهڪندڙ هوندا آهن.
الگورٿم تي ٻڌل اشتهاري ٽيڪنالاجي ميٽا کي پئسا ڪمائڻ واري مشين بڻائي ڇڏيو آهي.
ايڊم موسيري نشاندهي به ڪئي ته ڪڏهن ڪڏهن رڳو ٽيڪنالاجي ئي واهپيدار جي سوچ پٽاندڙ اشتهار ڏيکارڻ ۾ مدد نه ڪندي آهي، پر ڪڏهن اهو اتفاق سان ٿيندو آهي يا ڪجهه انساني نفسيات ان ۾ ڪردار ادا ڪندي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪيترائي ڀيرا توهان اهو اشتهار فون جي سامهون ڳالهائڻ کان اڳ ڏسي چڪا هوندا آهيو پر ياد نه رهندو آهي، ڇو ته انسٽاگرام يا فيسبڪ تي تيزيءَ سان اسڪروول ڪندي اشتهار تيزيءَ سان گذري ويندا آهن، پوءِ جڏهن توهان ان موضوع تي ڳالهائيندا آهيو ۽ وري اهو اشتهار سامهون ايندو آهي ته توهان کي لڳندو آهي ته ميٽا فون کي آڊيو رڪارڊنگ لاءِ استعمال ڪري رهي آهي يا اشتهار ياد نه هوندو آهي پر ان بابت ڳالهائڻ کانپوءِ ٻيهر ڏسڻ تي ائين لڳندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.