مالي سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ واپاري خساري ۽ درآمدن ۾ واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڳڻپ کاتي واپاري انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب مالي سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ واپاري خسار ي۽ درآمدن ۾ واڌ ٿي آهي.
ڳڻپ کاتي ٻڌايو آهي ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ واپاري خساري ۾ 32.92 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جولاءِ کان سيپٽمبر 2025 تائين واپاري خسارو 9 ارب 36 ڪروڙ 80 لک ڊالرن تي پهچي ويو.
جولاءِ کان سيپٽمبر 2025 تائين درآمدون 13.49 سيڪڙو وڌي ويون، ان دوران درآمدن جو ڪاٿو 16 ارب 97 ڪروڙ 10 لک ڊالر رهيو، سيپٽمبر 2025 ۾ درآمدون 5 ارب 84 ڪروڙ 50 لک ڊالر رهيون.
جولاءِ کان سيپٽمبر تائين ملڪي برآمدون 3.83 سيڪڙو گهٽ ٿيون، پهرين ٽن مهينن ۾ برآمدون 7 ارب 60 ڪروڙ 30 لک ڊالر رهيون، سيپٽمبر ۾ سالياني بنيادن تي برآمدن ۾ 11.71 سيڪڙو گهٽتائي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.