ڀارت ۾ هڪ ڀيرو وري محبت جي نشاني ”تاج“ کي تاراج ڪرڻ جي ڪوشش

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ ڀيرو وري محبت جي نشاني طور شهرت رکندڙ تاج محل تي تڪراري بڻائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي.
سينيئر بالي ووڊ اداڪار پاريش راول پنهنجي نئين فلم دي ”تاج اسٽوري“ جو پوسٽر سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو، جنهن ۾ تاج محل جي گنبد تان شيو جي مورتي نروار ٿيندي نظر اچي رهي آهي.
تڪراري پوسٽر وائرل ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان سخت ٽرول ٿيڻ تي پاريش راول پوسٽر ڊليٽ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو
ٻئي فلم جي پروڊڪشن ٽيم بيان جاري ڪندي وضاحت ڪئي ته دي تاج اسٽوري نه ته مذهبي موضوع تي ٺهيل فلم آهي ۽ نه ئي ان ۾ اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اتي شيو جو مندر هو.
مشهور برطانوي تاريخدان وليم ڊرمپل به شيو مندر واري دعويٰ کي کل جوڳو ۽ بدنيتي تي ٻڌل بڪواس قرار ڏنو.
واضح رهي ته ان کان اڳ به محبت جي علامت تاج محل تي تڪراري فلم ٺاهي داغدار ڪرڻ جا ڊراما رچايا ويا هئا.
ڪڏهن اهو چيو ويو ته تاج محل اصل ۾ ”راجيه محل“ هو، ڪڏهن اها دعويٰ سامهون آئي ته اهو حقيقت ۾ شيو مندر جي جاءِ تي تعمير ڪيو ويو.
تاج محل بابت هن تڪرار کي ڀارت جي جڙتو مورخ پي اين اوڪ 1989ع ۾ پنهنجي ڪتاب لکيو ته جتي تاج محل ٺاهيو ويو اتي مغلن کان اڳ هندو راجا جئه سنگهه يادگار ٺاهي هئي.
پي اين اوڪ جي دعويٰ جي ڀارتي تاريخدان راچيڪا شرما پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ ترديد ڪئي هئي.
ان کان پوءِ 2018ع ۾ آرڪيالوجيڪل سروري آف انڊيا خط جاري ڪري تصديق ڪئي ته تاج محل مغل حڪمران شاهجهان ۽ سندس گهرواري ممتا محل جو مقبرو آهي، پر معاملو اتي ختم نه ٿيو، خاص طور بي جي پي اڳواڻ مختلف موقعن تي تاج محل کي پنهنجو هدف بڻائيندا رهيا.
2022ع ۾ رجنيش سنگهه هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڪئي ته تاج محل جي تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ فيڪٽ فائنڊنگ پينل جوڙيو وڃي، هن اهو به مطالبو ڪيو ته هندو مورتيون ڳولڻ لاءِ تاج محل جا 22 بند دروازا کوليا وڃن.
ساڳي سال بي جي پي جي اسيمبلي ميمبر دِيا ڪماري دعويٰ ڪئي ته جتي تاج محل ٺاهيو ويو اُها جاءِ سندن وڏڙن جي ملڪيت هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.