اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جسٽس طارق محمود جهانگيري سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو چيلينج ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس طارق محمود جهانگيري سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو چيلينج ڪندي سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو 25 سيپٽمبر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جي درخواست خارج ڪئي، متاثر ڌر کي ٻڌڻ بنا هڪ طرفو فيصلو قانون جي خلاف آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ جو معاملو به نظرانداز ڪيو.
درخواست ۾ سنڌ ايجوڪيشن ڪميشن، ڪراچي يونيورسٽي، پيمرا ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.
جسٽس طارق محمود جهانگيري طرفان داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستگذار کي ڌر ناهي بڻايو ويو، فيصلو ڪرڻ کان اڳ درخواستگذار کي ڌر بڻجڻ ۽ وڪيل ڪرڻ جي مهلت نه ڏني وئي، درخواستگذار جي ڊگري جو معاملو آئيني بينچ ۾ مقرر نه پئي ٿي سگهيو.
عدالت کي اپيل ڪئي وئي آهي ته درخواستگذار موجوده جج هجڻ سان گڏ مختلف بار جي عهدن تي به مقرر رهيو آهي، درخواستگذار جي ڊگري رد ڪرڻ بدنيتي ۽ غير قانوني عمل تي ٻڌل آهي.
You might also like