ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي استادن جي بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
تعليم کاتي جي ترجمان موجب استادن ۽ شاگردن جي شرح، اسڪولن جي ضرورت ۽ ويڊ لاڪ پاليسي تحت مجموعي طور تي 10 هزار 490 استادن جون بدليون ڪيون ويون آهن.
ترجمان ٻڌايو ته ايس ٽي آر تحت بدلين سبب 1320 بند اسڪول ٻيهر کلي ويندا، اهي اسڪول استادن جي رٽائرمينٽ يا لاڏاڻي سبب بند ٿي ويا هئا.
نوٽيفڪيشن موجب انهن بدلين سان 1550 اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ پوري ٿي ويندي، جڏهن ته هڪ استاد تي ٻڌل 1328 اسڪولن ۾ تدريسي عملي جو انگ وڌايو ويو آهي.
ترجمان چيو ته ويڊ لاڪ بنيادن تي 1671 استادن جي بدلي ٿي، 1198 عورتن ۽ 473 مرد استادن جا مسئلا حل ڪيا ويا آهن.
You might also like