انٽرنيٽ مووي ڊيٽابيس (آءِ ايم ڊي بي) جي تازي رپورٽ موجب دپيڪا پڊڪون گذريل ڏهاڪي جي سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪئي ويندڙ بالي ووڊ شخصيت طور سامهون آئي آهي، جنهن شاهه رخ خان، سلمان خان، پرڀاس جهڙن سپر اسٽارن کي به پوئتي ڇڏي ڏنو.
آءِ ايم ڊي بي جي رپورٽ ۾ جنوري 2014 کان اپريل 2024 تائين جي هفتيوار درجابندي جو تجزيو ڪيو ويو، جيڪا سڄي دنيا ۾ ويب سائيٽ جي 25 ڪروڙ ماهوار وزٽرز جي اصل پيج ويوز تي ٻڌل آهي.
ان فهرست ۾ دپيڪا پڊڪون پهرئين نمبر تي آهي، جڏهن ته شاهه رخ خان ٻئي نمبر تي رهيو.
ٽاپ 5 ۾ ايشوريا راءِ، عاليا ڀٽ ۽ مرحوم عرفان خان شامل آهن.
You might also like