”شهبازشريف آمريڪا ۾ يهودي اڳواڻ سان ملاقات ڪئي“

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر صحافي انور اقبال چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي روين ۾ لچڪ پيدا ڪرڻ لاءِ تيار آهي۔ هڪ تصوير سامهون آئي آهي جيڪا پاڪستان جي ميڊيا ۾ نه ڇپي، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف آمريڪن جيوش ڪانگريس جي صدر سان ملاقات ڪري رهيو آهي۔ هي شخص انتهائي پرو ـ اسرائيل ۽ نيتن ياهو جو ويجهو سمجھيو ويندو آهي۔ اها ملاقات ڪا اوچتو رٿيل ملاقات نه هئي، صحافي ۽ اينڪر پرسن عاصمه شيرازي چيو آهي ته اهو مناسب نه هو ته پاڪستان جون سياسي جماعتون، غزه امن معاهدي کي عوام آڏو رکن ۽ پوءِ ان کي تسليم ڪن؟ ڇا اهو مناسب نه هو ته پهريان عرب ملڪ ان تي اڳتي وڌن، پوءِ پاڪستان قدم کڻي؟ آخر هن ڊيل جا نتيجا ڇا ٿيندا؟ پاڪستان ڪهڙي بنياد تي ان تي صحيحون ڪيون آهن؟ حڪومت کي گهرجي ته عوام کي مڪمل طور تي واضع ڪري.”سينئر صحافي حامد مير چيو ته حڪومت لاءِ هاڻي ٽرمپ جي امن منصوبي جو دفاع ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ٿي ويو آهي۔ هاڻي حڪومت يو ٽرن وٺڻ جي ڪوشش ۾ آهي ۽ اهو تاثر ڏئي رهي آهي ته ڄڻ ٽرمپ اسان سان ڌوڪو ڪيو آهي۔ پر اصل سوال اهو آهي ته وزيراعظم کي ٽرمپ پلان جي حمايت ڪرڻ جي ايتري جلدبازي ڇو هئي؟”

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.