پاڪستاني ” ادارن “ جي فيصلن هڪ مخصوص پارٽي جي چونڊ وڙهڻ واري صلاحيت کي محدود ڪيو: ڪامن ويلٿ رپورٽ

ڪامن ويلٿ آبزرور گروپ پاڪستان ۾ 2024ع ۾ ٿيل عام چونڊن بابت پنهنجي رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته چونڊن جي موقعي تي پيدا ٿيل حالتن ”بنيادي سياسي حقن کي محدود ڪيو ۽ هڪ پارٽي جي آزاداڻي نموني چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي صلاحيت کي متاثر ڪيو.“
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته چونڊ عمل دوران پاڪستان جي اهم ادارن طرفان ڪيل ڪيترن ئي اهم فيصلن چونڊن ۾ شامل سڀني ڌرين جي برابري جي بنياد تي حصو وٺڻ جي حق کي متاثر ڪيو ۽ ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ طرفان ”بيٽ“ جي نشان بابت ڪيل فيصلن ۽ سپريم ڪورٽ طرفان تاحيات پابندي واري فيصلي تي نظرثاني سڀ کان اهم هئا.
رپورٽ موجب، ٻين اهم اداراتي فيصلن ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن جون گرفتاريون، چونڊن واري ڏينهن موبائل فون سروسز بند ڪرڻ ۽ ميڊيا ريگيوليٽرز طرفان ڪجهه مخصوص مواد جي نشريات تي پابندي پڻ شامل هئي، جيڪي چونڊن تي اثرانداز ٿيون.
ڪامن ويلٿ آبزرور گروپ جي تفصيلي رپورٽ 121 صفحن تي ٻڌل آهي، پاڪستان ۾ 2024 جي عام چونڊن جي نگراني ڪندڙ مبصرن جي ان گروپ ۾ آسٽريليا، نيوزيلينڊ، برطانيا، سريلنڪا سميت مختلف ملڪن جا 13 ميمبر شامل هئا، جنهن جي سربراهي نائيجيريا جو اڳوڻو صدر گڊلڪ جاناٿن ڪئي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته جيڪڏهن انهن سمورن قدمن کي الڳ الڳ ڏٺو وڃي ته ڪجهه قدمن جي حمايت ۾ پيش ڪيل دليل جواز رکن ٿا، پر جڏهن انهن سمورن قدمن گڏ ڏٺو وڃي ته اهو هڪ اهڙي چونڊ ماحول جي عڪاسي ڪري ٿو جنهن ۾ اهم ادارن جي فيصلن هڪ مخصوص جماعت جي چونڊ وڙهڻ جي صلاحيت کي محدود ڪيو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته چونڊن واري رات موبائل فون سروسز بند ڪرڻ سان چونڊن جي شفافيت ۽ نتيجا حاصل ڪرڻ واري صلاحيت به متاثر ٿي.
ڪامن ويلٿ جي رپورٽ ۾ نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته ان سموري صورتحال کي نظر ۾ رکندي ”چونڊ عمل جي ساک، شفافيت متاثر ٿي هجي،“
رپورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان ”جينڊر اينڊ سوشل ونگ“ (صنفي ۽ سماجي شموليت) ۾ واڌ کي هڪ هاڪاري ڪوشش قرار ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته ان جي نتيجي ۾ عورتن ۽ مردن جي ووٽر رجسٽريشن ۾ فرق گهٽيو، 2013 ۾ اِهو فرق 12 سيڪڙو هو جيڪو گهٽجي 2024 جي چونڊن ۾ 7.7 سيڪڙو رهجي ويو.
ڪامن ويلٿ اليڪشن ڪميشن طرفان هراسان ڪرڻ بابت صنفي هيلپ لائن قائم ڪرڻ جي به واکاڻ ڪئي وئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2024 جي چونڊن دوران نوجوان ووٽرن جي شرڪت ۾ بهتري آئي.
رپورٽ موجب، سمورن چئلينجن جي باوجود ”مستقبل جي چونڊن ۾ سڌارن جا امڪان اتساهيندڙ آهن.“
ڪامن ويلٿ پنهنجي رپورٽ ۾ مستقبل ۾ چونڊ عمل کي بهتر بڻائڻ لاءِ جن سڌارن جي تجويز ڏني آهي، انهن ۾ قانوني ڍانچي ۽ ان جي صحيح تشريح، چونڊ عمل جي سٺي انتظام، چونڊن کان اڳ هلندڙ مهمن ۽ ميڊيا جي ڪردار کانسواءِ انهن قانونن بابت به سڌارا شامل آهن جيڪي سياسي حقن ۽ عورتن جي شرڪت تي اثرانداز ٿين ٿا.
ياد رهي ته ميڊيا ۾ شايع ٿيل هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ڪامن ويلٿ فيبروري 2024 جي چونڊن ۾ وڏي پيماني تي گهوٻين جي انڪشاف کانپوءِ پنهنجي رپورٽ دٻائي ڇڏي هئي، جنهن کانپوءِ گذريل مهيني پاڪستان تحريڪ انصاف ڪامن ويلٿ تي زور ڏنو هو ته هو پنهنجي رپورٽ جلد کان جلد جاري ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.