واڌو ٽيڪس لڳائڻ وارو مامرو، ناڻي واري وزير وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جو بجيٽ فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) تيار نه ڪندو.
سليم مانڊوي والا جي صدارت ۾ سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ۽ اٽارني جنرل به شرڪت ڪئي.
ڪميٽي اجلاس ۾ ايف بي آر طرفان صدارتي آرڊر خلاف اپيل جو معاملو بحث هيٺ آيو، ڪميٽي چيئرمين چيو ته صدارتي آرڊر کي چئلينج ڪيو ويو آهي، ايف بي آر ان تي عمل نه ڪيو، اسان کي مشورو ڏنو ويو ته ان سلسلي ۾ اٽارني جنرل کي ڪميٽي ۾ سڏايو وڃي.
متاثر شهري جي وڪيل چيو ته ايف بي آر سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صدارتي آرڊر کي چئلينج ڪيو، قانون موجب ايف بي آر کي صدر جي حڪمن تي عمل ڪرڻو پوندو آهي، ايف بي آر صدر جي حڪمن تي عمل نه ڪري قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي، ايف بي آر طرفان 3 ڀيرا قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي.
وڪيل چيو ته صدارتي آرڊر تي وزيراعظم هائوس ۽ قانون واري وزارت جون واضح هدايتون به موجود آهن.
اٽارني جنرل انور منصور اعواڻ چيو ته جيڪڏهن گڊز جي ڪلاسيفڪيشن وارو معاملو هجي ته ايف ٽي او اپيل ڪري سگهي ٿو، جنهن تي متاثر شهري چيو ته قانون موجب وفاقي محتسب ۽ صدارتي آرڊر تي عمل ٿيندو، ادارن کي وفاقي محتسب ۽ صدارتي آرڊر جي تشريح ڪرڻ جي اجازت ناهي، ڪميٽي اٽارني جنرل کي معاملي جي حل جي هدايت ڪئي.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب اسٽينڊنگ ڪميٽي کي معاشي صورتحال بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام اچي چڪو آهي، حڪومت هن سال نومبر جي آخر ۾ ابتدائي طور تي 25 ڪروڙ ڊالر جا پانڊا بانڊ جاري ڪندي، مجموعي طور تي هڪ ارب ڊالر جا پانڊا بانڊ جاري ڪيا ويندا.
هن ٻڌايو ته حڪومت 50 ڪروڙ ڊالر جي يورو بانڊ جي ادائيگي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته اپريل 2026 ۾ 1.3 ارب ڊالر جي ايندڙ ادائيگي به وقت سر ڪئي ويندي، يورو بانڊ جي ادائيگي لاءِ انتظام ڪيا ويا آهن، انهن فائدن ذريعي معيشت کي اڳتي وڌايو ويندو.
محمد اورنگزيب چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ايف بي آر تيار نه ڪندي، ٽيڪس پاليسي کي ايف بي آر کان هاڻي ڪڍيو ويو آهي، نئين بجيٽ ناڻي کاتي ٽيڪس پاليسي آفيس تيار ڪندي، ٽيڪس پاليسي آفيس سڄو سال بجيٽ تي صلاح مشورا ڪندي.
ناڻي واري وزير چيو ته خبر ناهي ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ٿين ٿيون پر هاڻي معيشت جو رخ درست آهي، ايف بي آر ٽرانسفارميشن کي وزيراعظم پاڻ به ڏسي رهيو آهي، وزيراعظم هن ٽرانسفارميشن تي ماهوار ۽ هفتيوار رپورٽ وٺي رهيو آهي، جڏهن ته ٽيڪس پاليسي آفيس آپريشنل ٿيڻ جي ويجهو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون صحيح رخ ۾ هلي رهيون آهن، اڃا تائين جيڪا به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اها درست رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي، واڌو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جا قدم نه پيا کنيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.