واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر شٽ ڊائون شروع ٿي ويو آهي، جنهن سبب هزارين سرڪاري ملازمن جي پگهارن کان محروم ٿيڻ جو خطرو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، حڪومت فنڊنگ بابت بل آمريڪي سينيٽ مان پاس نه ٿي سگهيو، جيڪو شٽ ڊائون جو سبب بڻيو، ان جي نتيجي ۾ ڪجهه سرڪاري ادارن جو ڪم بند ٿي ويو آهي ۽ هڪ اندازي موجب لڳ ڀڳ 75 هزار ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي به رولڙي جو شڪار ٿي وئي آهي.
ڊيموڪريٽس ۽ ريپبلڪنز اڳواڻ سوشل ميڊيا تي هڪ ٻئي تي سنگين الزام مڙهي رهيا آهن.
ڊيموڪريٽ اڳواڻ ۽ اڳوڻي نائب صدر ڪاملا هيرس سوشل ميڊيا تي لکيو ته” ڪانگريس ۾ ريپبلڪنز رڳو ان ڪري شٽ ڊائون ڪيو ڇاڪاڻ ته انهن عوام جي هيلٿ ڪيئر لاءِ رقم وڌائڻ کان انڪار ڪيو آهي.“
هن چيو ته” هتي اِها ڳالهه واضح ڪندي هلان ته وائٽ هائوس، ڪانگريس ۽ سينيٽ سڀ ريپبلڪنز وٽ آهن، تنهنڪري هي شٽ ڊائون به انهن جو ئي آهي.“
ٻئي پاسي آمريڪي ڪانگريس جي ريپبلڪن اسپيڪر مائيڪ جانسن الزام لڳائيندي چيو ته ڊيموڪريٽس حڪومت کي بند ڪرڻ لاءِ ووٽ ڏنو، جنهن سبب اڄ ٻار ۽ مائرون خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن، اڳوڻا فوجي هيلٿ ڪيئر ۽ آپگهات کان بچاءَ وارن منصوبن مان فائدو نه وٺي رهيا آهن، جڏهن ته فوجي ۽ ٽي ايس اي ايجنٽس به پگهارن کان محروم ٿي ويا آهن.
ياد رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي پهرئين صدارتي دور ۾به آمريڪا ۾ 2018-19ع ۾ سڀ کان ڊگهو شٽ ڊائون ٿيو هو، جيڪو 35 ڏينهن تائين جاري رهيو هو.