آڪٽوبر جو مهينو چنڊ جي حوالي سان خاص ثابت ٿيڻ وارو آهي ڇاڪاڻ هن مهيني جو مڪمل چن ڌرتيءَ جي بنهه ويجهو هئڻ سبب ”سپر مون“ قرار ڏنو ويندو.
جڏهن چنڊ ڌرتيءَ جي تمام ويجهو هوندو آهي ته اهو معمول کان وڌيڪ وڏو ۽ روشن نظر ايندو آهي، جنهن کي سپر مون چيو ويندو آهي.
ست آڪٽوبر تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ 2025ع جو پهريون سپر مون ڏٺو ويندو، سپر مون معمول کان 14 سيڪڙو وڏو ۽ 30 سيڪڙو وڌيڪ روشن نظر ايندو.
ان کان اڳ پاڪستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ چنڊ گرهڻ جو نظارو به ڏٺو ويو هو.
ان کان پوءِ 5 نومبر ۽ پوءِ 5 ڊسمبر تي به سپر مون ڏسڻ ممڪن هوندو، جڏهن ته جنوري 2026ع جي شروعات جو مڪمل چنڊ به سپر مون هوندو پر ان کي 2025ع جو حصو قرار نه ٿو ڏئي سگهجي.
هر سال لڳ ڀڳ 3 يا 4 سپر مون ڏسڻ ۾ ايندا آهن.
ست آڪٽوبر تي آسمان تي ظاهر ٿيندڙ چنڊ ڌرتيءَ کان 2 لک 24 هزار 599 ميل جي مفاصلي تي هوندو، جيڪو 11 مهينن کانپوءِ پهريون سپر مون هوندو، آخري ڀيرو اهڙو چنڊ نومبر 2024 ۾ ڏٺو ويو هو.
هلندڙ سال جو سڀ کان وڌيڪ روشن چنڊ نومبر ۾ نظر ايندو، جڏهن اهو زمين کان 2 لک 21 هزار 817 ميل جي فاصلي تي هوندو.
سپر مون ان ڪري به خاص هوندو آهي ڇاڪاڻ ته جڏهن اهو آسمان جي ويجهو هوندو آهي ته اهو پنهنجي سائز کان به وڏو نظر ايندو آهي.
سائنسدانن جو خيال آهي ته مختلف سائزن واريون شيون جهڙوڪ وڻن ۽ عمارتن جي موجودگي اکين کي اهڙو ڌوڪو ڏيندي آهي جو چنڊ معمول کان وڏو نظر ايندو آهي.
ان کان اڳ ست سيپٽمبر تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ چنڊ گرهڻ جو نظارو ڪيو ويو هو.