پنجاب بابت ڪجهه چوندس ته مريم نواز بي بي ناراض ٿي ويندي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته جيڪڏهن هو پنجاب جي معاملي ۾ ڪجهه چوندو ته وزيراعليٰ مريم نواز ڪاڙوجي پوندي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف هارٽ ڊيزز ۾ 2 مهينن ۾ فري ليبارٽري شروع ڪنداسين، اسپتال ۾ 2 مهينن اندر ٽيسٽ مفت ٿيندا.
هن چيو ته ڪراچي لاءِ 20 ارب رپين جو لالي پاپ ناڪافي آهي، وزيراعظم ڪراچي لاءِ 200 ارب رپيا به خرچ ڪري ته اهو به ناڪافي هوندو، ڪراچي لاءِ توهان ڪمپني ٺاهي ڇڏيو ان تي اعتراض آهي، مان چاهيان ٿو ته منهنجي شهر کي پنهنجا حق ملن.
مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته پنجاب جي معاملي ۾ ڪجهه چوندو ته مريم بي بي ناراض ٿي ويندي، مريم بي بي پاڻي ۽ ڪئنال واري مسئلي تي ڳالهايو، پنجاب جا ماڻهو هن وقت تڪليف ۾ آهن، اسان جو فرض آهي ته انهن جي تڪليفون گهٽايون.
ڪراچي جي ميئر چيو ته عوام کي اليڪٽرڪ بس نه پر حالتن ۾ بهتري گهرجي، پنجاب ۾ موٽرويز ٺهي ويون پر ڪراچي ۾ اڃا تائين موٽرويز ناهي ٺهي سگهي.
هن وڌيڪ چيو ته بندرگاهه وارو شهر ڪراچي اڄ به بنيادي سهولتن کان محروم آهي، 15 سالن جو پي ايس ڊي پي رڪارڊ کڻي ڏسو ته سڀ ڪجهه واضح ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.