ڀارت کي ايشيا ڪپ ٽرافي حاصل ڪرڻ لاءِ ڇا ڪرڻو پوندو؟ محسن نقوي ٻڌائي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي) جي چيئرمين ۽ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) جي صدر محسن نقوي هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي ڪپتان کي آفيس اچي ٽرافي وٺي وڃڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا طرفان اها خبر سامهون آئي هئي ته ايشين ڪرڪٽ ڪائونسل جي صدر محسن نقوي ايشيا ڪپ جي ٽرافي واري معاملي تي بي سي سي آءِ کان غلطيءَ معافي وٺي ڇڏي آهي.
ان حوالي سان پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جو بيان سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته ڀارتي ميڊيا غلط ۽ ڪوڙي خبر هلائي رهيو آهي، مون نه ڪجهه غلط ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن کان معافي ورتي آهي.
هن چيو ته ايشين ڪرڪٽ ڪائونسل جي صدر جي حيثيت سان ڀارت کي ٽرافي ان ڏينهن ڏيڻ چاهيان پيو ۽ جيڪڏهن هو ٽرافي وٺڻ چاهين ته مان هاڻ به ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.
محسن نقوي هڪ ڀيرو وري ڀارتي ڪپتان کي دعوت ڏني ۽ چيو ته ڀارتي ڪپتان منهنجي اي سي سي واري آفيس ۾ اچي ۽ ٽرافي وٺي وڃي.
سندس چوڻ هو ته ڀارتي ميڊيا جو ڪم رڳو پنهنجي ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ آهي، بدقسمتي سان ڀارت ڪرڪيٽ ۾ سياست آڻي راند جي ساک کي ڇيهو رسايو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.