مري(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سياحتي شهر مري لاءِ وڏن ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪري ڇڏيو .
مري ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ٿوري وقت ۾ نوازشريف ڪارڊيالوجي سينٽر تعمير ڪيو، اڄ ڪارڊيالوجي سينٽر ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ 5 ماڻهن جي اينجيوگرافي ٿي آهي، مان انهن سان ملي آئي آهيان، ڪجهه ڏينهن ۾ ڪارڊيڪ سرجري به شروع ڪنداسين.
هن چيو ته ان کان اڳ ضلعو مري هو پر ڪم ڪندڙ آفيسر راولپنڊي جا هئا، مري ضلعو بڻجي ويو هو پر اهو راولپنڊي مان هلايو ويندو هو، هاڻي مري جو پوليس، صحت ۽ تعليم کاتو الڳ آهي، مون اعلان پوءِ ڪيو ۽ روڊ پهريان ٺاهي ڏنو.
پنجاب جي وزيراعليٰ جو چوڻ هو ته مري جي اسڪولن جي اپ گريڊيش ڪئي پئي وڃي، مري ۾ پاڻي جو وڏو منصوبو آڻي رهيا آهيون، شهر جي صفائي لاءِ به بهترين اسڪيم آڻي رهيا آهيون، مري لاءِ ٽورازم فورس ٺاهي وئي آهي، هي دنيا جو بهترين سياحتي ماڳ بڻجندو.
هن چيو ته ايڪسپريس وي ٺاهي جتان لکين ماڻهو اچن ٿا، مري لاءِ سٿرا پنجاب پاڙن ۽ گهٽين جي صفائي ڪري رهيو آهي، مري ڪارڊيڪ سينٽر مان گليات جا ماڻهو به فائدو وٺندا، ڀوربن ۾ جديد سهولتن سان ليس اسپتال ٺاهينداسين، انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته ساملي اسپتال لاءِ 3 بسون هلائي.
مريم نواز چيو ته مري لاءِ 15 بسن جو آرڊر ڪري ڇڏيو آهي، شاگردن، پيرسن ۽ عورتن لاءِ گرين لائين بس مفت هوندي، مري لاءِ ٽرين به هلائينداسين ته جيئن سياحن کي پنهنجي گاڏين ۾ اچڻو نه پوي.
هن وڌيڪ ته ڪيترن ئي ماڻهن خالي اعلان ۽ ڪوڙا واعدا ڪيا، اعلان ڪرڻ سولو آهي پر ڪم ڪرڻ ڏکيو آهي، پنجاب ۾ بدترين ٻوڏ آئي پر اسين آفيس ۾ نه ويٺاسين، جيڪو چوي ٿو ته هو خاموشي سان ڪم ڪندو آهي اهو ڪم نه ڪندو آهي، اساسان ين بنا واعدن جي ڪم مڪمل ڪيا.