ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي قيمتن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، اڄ به في تولي اگهه ۾ وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل صرافه جيولرز اينڊ ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 3500 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد چار لک 10 هزار 278 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 3001 رپيا واڌ سان 351474 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 35 ڊالر اضافي سان 3890 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
You might also like