جونپور (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اترپرديش جي ضلعي جونپور ۾ 75 ورهين جو شخص 35 ورهين جي عورت سان شادي ڪرڻ جي ٻئي ڏينهن ئي لاڏاڻو ڪري ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، سنگرو رام نالي همراهه هارپو ڪندو هو، هڪ سال اڳ سندس پهرين گهر واري ديهانت ڪري وئي هئي جنهن کانپوءِ هو اڪيلي زندگي گذاري رهيو هو.
تازو سنگرو ٻي شادي جو فيصلو ڪيو، ڳوٺاڻن کيس اهڙي عمر ۾ شادي کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان باوجود هن 35 ورهين جي منڀاوتي سان ڪورٽ ميرج ڪئي جنهن کانپوءِ مندر ۾ ٻنهي لاءِ هڪ ننڍڙي تقريب پڻ ڪوٺائي وئي.
ميڊيا رپورٽن موجب، منڀاوتي جي به اها ٻي شادي هئي، کيس پهرئين مڙس ٻن نياڻين ۽ پٽ جو اولاد آهي، سنگرو کيس پَڪ ڏياري هئي ته شادي کانپوءِ هو سندس ٻارن جي به سار سنڀال ڪندو.
منڀاوتي موجب، شادي جي ٻئي ڏينهن صبح سوير اوچتو سنگرو جي طبيعت خراب ٿي وئي، کيس اسپتال نيو ويو جتي ڊاڪٽرن کيس مئل قرار ڏنو.
ٻئي پاسي سنگرو جي شادي جي ٻئي ڏينهن ئي موت تي وارثن شڪ ظاهر ڪندي پوليس ۾ ڪيس داخل ڪرايو ڇڏيو آهي.
سنگرو رام جي مائٽن سندس موت کي شڪي قرار ڏيندي جاچ جو مطالبو ڪيو، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪندي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.
You might also like