ميجر دوست محمد خان هڪڙو 1911ع ۾ قمبر شهر جي علي خان پاڙي ۾ علي حسن خان هڪڙو جي گهر ۾ ڄائو. 1920ع ۾ ابتدائي تعليم سنڌ جي تاريخي درسگاهه سنڌ مدرسه الاسلام مان حاصل ڪيائين. بنيادي تعليم کان پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ هندستان جي شهر ديره دون ويو جتان سينيئر ڪيمبرج پاس ڪيائين. تعليم جي هن سفر کيس اهو يقين ڏياريو ته ترقي جو واحد ذريعو تعليم آهي جتي ان دور ۾ سياست ۾ نعريبازي ۽ عوام جي استحصال جو رواج عام هو ميجر دوست محمد خان چاهي ها ته هو به ذاتي مفاد لاءِ اهڙو ئي ڪري سگھي پيو پر هن ان جي ابتڙ پنهنجي علائقي جي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ کي ترجيح ڏني ۽ هن جي نظر ۾ تعليم ئي اهو ذريعو هو جنهن سان شعور ممڪن هو. انهيءَ ڪري هن پنهنجي شهر قمبر علي خان ۾ انهن غريب نوجوانن لاءِ جدوجهد ڪئي جيڪي تعليم ته حاصل ڪرڻ چاهيندا هئا پر مالي وسيلا نه هجڻ ڪري اڳتي نه وڌي سگهندا هئا هن نه رڳو انهن جا تعليمي خرچ کنيا پر انهن لاءِ پنهنجو ذاتي بنگلو به وقف ڪيو جتي پڙهائي رهائش کاڌ خوراڪ کان وٺي هر ان شيءِ جو انتظام ڪيو جنهن سان اهي غريب نوجوان بنا ڪنهن پريشاني جي تعليم حاصل ڪري سگهن هُن جي ان قدم قمبر شهر کي جهالت مان ڪڍي تعليم جي روشني سان منور ڪيوميجر دوست محمد خان جون خدمتون هتي ختم نه ٿيون هن قمبر هاءِ اسڪول، قمبر گرلز پرائمري اسڪول، اسپورٽس گرائونڊ، قمبر پوليس اسٽيشن سميت قمبر ۾ ڪيترين ئي تعميراتن لاءِ پنهنجي ذاتي زمين ڏني سڀ کان وڏي ڳالھ قمبر ۾ مذهبي رواداري جو مثال قائم ڪندي هن هندو برادري لاءِ مندر به تعمير ڪرايوعوام جي خدمت جو ان جذبي کيس سياست ۾ آندو ۽ هو قمبر ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين منتخب ٿيو. ان وقت ميونسپل ڪاميٽي وٽ وسيلا نه هجڻ برابر هئا ان باوجود هن ڏينهن رات محنت ڪري ان کي پنهنجن پيرن تي بيهاريو اُن جي ان محنت جي نتيجي ۾ آخرڪار هڪ اهڙو ڏينهن آيو جڏهن قمبر ميو نسپل ڪاميٽي مالي وسيلن سان ايتري مضبوط ٿي وئي جو هن سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي ميو نسپل ڪاميٽي کي به قرض ڏنو.
سندس زندگي جو هڪ وڏو واقعو 1942ع ۾ پيش آيو، جڏهن بلوچستان مان هڪ خطرناڪ ٻوڏ سنڌ ڏانهن وڌي رهي هئي. اها خبر ملڻ تي هن مسيحا جو ڪردار ادا ڪندي قمبر شهر جي چوڌاري مضبوط بند بندرائي ڇڏيا جنهن سبب شهر وڏي نقصان کان بچي ويو. سندس جي قمبر شهر لاءِ ان حد تائين پريشان رهڻ جي وجهه اها هئي جو هن ڪڏهن به خاص ۽ عام ۾ فرق نه رکيو هو هن لاءِ قمبر جو هر فرد سندس پنهنجو هو سندس قمبر شهر لاءِ قربانين ۽ عوام لاءِ خدمتن کي ڏسي هڪ انگريزي اخبار کيس "Robin Hood of Qambar” جو خطاب ڏنو .
پاڪستان جي قيام کان پوءِ سندس مقبوليت ايتري ٿي وئي هئي جو قائداعظم محمد علي جناح کيس پاڪستان آرمي ۾ شامل ٿيڻ جي تجويز ڏني. جيڪا هن قبول ڪئي ۽ ميجر جي عهدي تي فوج ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ 1952ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ۽ صوبائي ڪابينا جو صلاحڪار ٿيو. ڪجهه وقت بعد بدعنوانين تي سمجھوتو نه ڪرڻ ڪري استعيفيٰ ڏئي ڇڏي بعد ۾ 1956ع ۾ ويسٽ پاڪستان اسيمبلي لاهور جو ميمبر ٿيو ۽ پنهنجي سياسي جدوجهد جاري رکي
1962ع جي آئين تحت جڏهن بنيادي جمهوريتن جي چونڊون ٿيون ته EBDO لاڳو هو، جنهن تحت پراڻن سياستدانن تي پابنديون هيون. انهيءَ ڪري ميجر دوست محمد خان چونڊ ۾ حصو نه وٺي سگهيو ۽ پنهنجي وڏي پٽ فدا حسين خان هڪڙو کي ڪائونسلر نامزد ڪيو. فدا حسين خان 1962ع کان 1965ع تائين ڪائونسلر ۽ پوءِ 1965ع کان 1968ع تائين ويسٽ پاڪستان اسيمبلي جو ميمبر رهيو. 1971ع جي عام چونڊن ۾ جڏهن سڄي ملڪ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو طوفان آيل هو تڏهن ميجر دوست محمد خان هڪڙو آزاد اميدوار طور اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ سلطان احمد چانڊيو کي وڏي اڪثريت سان شڪست ڏني هن جي ان ڪاميابي ذوالفقار علي ڀٽو کي به مجبور ڪري ڇڏيو ته کيس پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ڪري
1 آڪٽوبر 1979ع تي ميجر دوست محمد خان هڪڙو جي وفات قمبر شهر لاءِ وڏو نقصان ثابت ٿي سندس جي جدائي اڄ به ماڻهن کي شدت سان محسوس ٿئي ٿي پر سندس خدمتن جو سفر هتي ختم نه ٿيو. سندس خاندان به ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين قمبر جي سياست ۽ قيادت ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو.سندس خاندان لڳاتار 69 سال تائين قمبر ميو نسپل ڪاميٽيءَ جو چيئرمين رهيو سڀ کان پهرين علي حسن خان اول (1918–1936)، پوءِ ميجر دوست محمد خان (1936–1979)، پوءِ سندس ننڍو پٽ علي حسن خان دوم (1979–1982)، ان کان پوءِ وڏو پٽ فدا حسين خان هڪڙو (1982–1983)، ۽ وري ٻيهر علي حسن خان دوم (1983–1987) تائين ان عهدو تي رهيو.اهڙيءَ طرح، ميجر دوست محمد خان هڪڙو جو ننڍو پٽ علي حسن خان دوم 1977ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي صوبائي چونڊون کٽيون ۽ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو ۽ وري ٻيهر 1985ع ۾ به صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو. فدا حسين خان هڪڙو جو ننڍي پٽ به خاندان جي سياسي ورثي کي اڳتي وڌايو ۽ مقامي سطح تي نمايان ڪردار ادا ڪيو، جنهن سان خاندان جو اثر رسوخ وڌيڪ مضبوط ٿيو.ميجر دوست محمد خان هڪڙو جيڪو ڏيئو ٻاريو، اهو سندس بعد به خاندان ۾ روشن رهيو. سندس خدمتون ۽ جدوجهد قمبر شهر جي ماڻهن جي دلين ۾ اڄ به زنده آهن، ۽ هي شهر هميشه هن تي ۽ ھڪڙا خاندان تي فخر ڪندو رهندو.