وفاق ويهه نه ٻه سئو ارب ڏئي، اسان پاڻ شهر کي ٺيڪ ڪنداسين: ڪراچي جو ميئر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ويهي ڪراچي ٺيڪ نٿو ڪري سگهجي ، تنهنڪري وفاق 20 ارب نه پر 200 ارب ڏئي شهر اسان پاڻ ٺيڪ ڪنداسين.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ايم ڪيو ايم کي جهڙي طرح به مينڊيٽ ملي ويو آهي، جيڪي پاڻ سياسي خيرات جا حقدار آهن، اهي به اڄ پارليامينٽ ۾ ويٺا آهن، جيڪڏهن اهي به ڪم ڪرڻ چاهين ته انهن لاءِ به در کليل آهن.
هن چيو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته اسلام آباد ۾ ڪو آفيسر هجي ۽ ڪراچي ۾ ڪم ڪري، اسلام آباد ۾ ويهي ڪراچي ٺيڪ نه ٿو ڪري سگهجي، 20 ارب نه شهر کي 200 ارب ڏيو، اسان پاڻ شهر ٺيڪ ڪنداسين.
مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت کي ٺيڪيدار طرفان 2 ڪروڙ جو ڏنڊ آيو آهي، 9 سالن کان روڊ نه ٺهيو، بي آر ٽي گرين لائين وارن کان وقت گهريو آهي ته ڪڏهن مڪمل ٿيندي.
ڪراچي جي ميئر چيو ته اهو نٿو ٿي سگهي ته ڪو 19هين يا 20هين گريڊ جو آفيسر مونکي چوي ته ٺيڪيدار کي نوٽيس ويندو، شهر ٺيڪيدارن جو آهي يا شهرين جو؟ ڇا مان رات جو اوهان جي گهر اچي کوٽائي ڪري سگهان ٿو؟
هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب شهر ۾ ڪم ٿي رهيو آهي ۽ يونيورسٽي روڊ تي بي آر ٽي منصوبي تي به تيزي سان ڪم جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.