اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب وزيراعليٰ مريم نواز جي تقرير خلاف پاڪستان پيپلزپارٽي (پي پي پي) قومي اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو.
اسپيڪر آياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پ پ اڳواڻ نويد قمر پنجاب وزيراعليٰ مريم نواز جي بيان تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته” اسان کي وزارتون يا عهدا نه گهرجن، گهٽ ۾ گهٽ عزت ته ڏئي سگهن ٿا، اسان هن حڪومت کي ڪُلهو ڏيڻ جا مهڻا برداشت ڪري رهيا آهيون، اهڙيون حالتون رهيون ته اپوزيشن بئنچز تي ويهڻ تي مجبور ٿي وينداسين، اهڙين حالتن ۾ حڪومت جي بينچ تي ويهڻ ڏُکيو آهي.“
مخالف ڌر ميمبرن اپوزيشن بئنچز تي اچڻ جي دعوت ڏني، ته قانون واري اعظم نذير تارڙ چيو ته ” هي اسان جي گهر جو معاملو آهي، توهان خوش نه ٿيو.“
نويد قمر چيو ته هينئر ملڪ ٻوڏ واري صورتحال مان گذري رهيو آهي، منهنجي تڪ ۾ به ٻوڏ آهي، ماڻهو اڳواڻن ڏانهن ڏسي رهيا آهن، ماڻهو مدد ۽ رليف لاءِ واجهائي رهيا آهن.
هن چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن دوران جيڪي بيان آيا اُهي مناسب نه هئا، بلاول ڀٽو پنجاب وزيراعليٰ ۽ حڪومت جي واکاڻ ڪئي، پر مريم نواز جي تقرير تي ڏُک ٿيو.
نويد قمر چيو ته ”اسان جو پاڻي، ڇا مطلب اسان جو پاڻي؟ اسان کي عزت ڏيو ۽ ماڻهن جو سوچيو، اسان کي ڪا فيس ناهي ملي جو حڪومتي بئنچز تي ويهون.“
مخالف ڌر ميمبرن چيو ته بلڪل توهان اپوزيشن بئنچز تي اچو، همت ڪريو.
نويد قمر چيو ته اهو وقت پري ناهي جو اسان هتي اچي ويهنداسين، جنهن تي پي ٽي آءِ ۽ پ پ پ ميمبرن ڊيسڪ وڄائي سندس بيان جي آجيان ڪئي.
قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان جي خواهش ڪڏهن پوري نه ٿيندي، اپوزيشن جي احتجاج ۽ گوڙ دوران اسپيڪر اجلاس 3 آڪٽوبر صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.
You might also like