لاهور(بيورو)سينيئر پ پ اڳواڻ ۽ قانوندان اعتزاز احسن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجي اعزاز ۾ منعقده تقريب مان خطاب ڪندي چيو آهي ته عمران خان خلاف سڀ ڪيس ڪوڙا آهن ۽ کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃڻ گهرجي۔ هن چيو ته منهنجي جماعت کي به هي سمجهڻ گهرجي۔ هن چيو ته ڪنهن به جماعت کي ن ليگ وارن کان ڪا عزت حاصل نه ٿيندي۔ اعتزاز احسن چيو ته دشمن ۾ ڀلائي نظر اچي ته ان کي مڃڻ گهرجي جڏهنته دوست ۾ برائي نظر اچي ته ان کي نظرانداز ڪرڻ گهرجي ڇوتہ سڀني جماعتن کي ساڳئي ملڪ ۾ گڏجي هلڻو آهي۔ هن چيو ته اسان کي چين جي ٽيڪنالاجي ڪاميابي ڏني آهي۔ ايليٽ ڪلاس صرف ٻه سيڪڙو آهي جنهن کي اولهه کان اعتماد ملي ٿو،هن چيو ته ماضي ۾ ججز کي چيو هو ته حلف نه وٺو، اسين انهن کي بحال ڪنداسين۔ هن اعتراف ڪيو ته افتخار چوڌري جي عدالت ۾ پيش نه ٿي ڪري نقصان ٿيو۔ تقريب ۾ اڳوڻو چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال، قمر زمان ڪائره، منير احمد خان ۽ پيپلز پارٽي جا ٻيا اڳواڻ شريڪ هئا جڏهنته لاهور هاءِ ڪورٽ بار جو صدر ۽ وڪيلن جي وڏي تعداد پڻ شرڪت ڪئي، سينيئر قانون دان حامد خان چيو ته مان اعتزاز احسن کي وڪيلن جو ٽائيڪون سمجهان ٿو،ڪنهن به دور ۾ اعتزاز احسن هميشه ملٽري اسٽيبلشمينٽ جي مخالفت ڪئي ۽ جمهوُريت جو ڪيس وڙهيو،هن چيو ته اڄ جو دور پاڪستان جي تاريخ جو افسوسناڪ ترين دور آهي، عدليه کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ۽ هي جمهوُريت کي بدنام ڪرڻ جو دور آهي۔ هن چيو ته پاڪستان ڪنهن فيلڊ مارشل نه پر وڪيلن ٺاهيو هو۔ اڄ اسين هڪ انتهائي مشڪل دور مان گذري رهيا آهيون ۽ هي وڏي ڏک جي ڳالهه آهي