سنڌ سولر هوم سسٽم ۾ ڪرپشن معاملي تي سوشل ميڊيا تي باهه ٻريل

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سوشل ميڊيا تي سنڌ سولر هوم سسٽم ۾ ڪرپشن جي معاملي تي باهه ٻريل آهي،شهري اسڪينڊل جي جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪرڻ لڳا،خبر موجب سينئر صحافي مبشر زيدي ايڪس(ٽوئيٽر) تي لکيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪرپشن ۾ خودڪفيل بڻيل آهي۔ ان اسڪينڊل تي به ڪنهن قسم جي ڪارروائي ٿيڻ جو امڪان ناهي، ڇاڪاڻ⁠ ته  انڪوائري جون ۾ ئي مڪمل ڪري ڇڏي وئي هئي ۽ ان کان اڳ ئي سڀني کي پنهنجو حصو ملي ويو هو،پري زاد نالي صارف لکيو ته اطلاعن موجب ورلڊ بئنڪ غريب سنڌين لاءِ 26 ارب رپيا جاري ڪيا، جن مان 7 ارب رپيا بيوروڪريٽن هڙپ ڪري ويا ۽ باقي رقم اهم شخصيت کڻي ويو۔رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 50 ڊالر جي يونٽ تي قيمت 151 ڊالر ڏيکاري وئي،ايمان انصار لکيو ته اطلاعن موجب سنڌ حڪومت جي سولر پراجيڪٽ ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ٿي آهي، جڏهن⁠ته صوبائي وزير مبينا طور تي ڪرپشن جو اعتراف پڻ ڪيو۔هن لکيو ته  پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ فين (پنکا) کي امپورٽڊ ڏيکاري اربين رپيا ڪمايا ويا، ۽ گڏوگڏ ڪسٽم ڊيوٽي به جعلي ڏيکاري وئي۔ناقدن جو چوڻ آهي ته صوبائي وزير نجي ٽي وي جي اينڪر آڏو سوالن تي صحيح جواب نه ڏئي سگهيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.