ڪراچي(عوامي آواز نيوز) ايم ڪيو ايم پاڪستان فيصلو ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت طرفان وفاقي اداري پاڪستان انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني (PIDCL) کي خط لکي ڪراچي سميت صوبائي ترقياتي اسڪيمون روڪڻ جو معاملو وزيراعظم آڏو اٿاريو ويندو۔ذريعن موجب جيڪڏهن وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان رابطو نه ڪيو ۽ PIDCL جي ترقياتي منصوبن تي ڪم بحال نه ڪرايو ويو، ته ايم ڪيو ايم پاڪستان پنهنجو ايندڙ لائحه عمل جو اعلان ڪندي۔ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ امين الحق ٽيليفون تي ٻڌايو ته پارٽي وفد وزير هائوسنگ رياض پيرزاده سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪري پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي۔ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت پاران PIDCL جي منصوبا روڪڻ واري فيصلي تي سخت احتجاجي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي ۽ اهو معاملو قومي اسيمبلي سميت سڀني فورمز تي اٿارڻ سان گڏ قانوني رستو به اختيار ڪيو ويندو