لاهور (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ميرا پاڪستان جي عالمي سفارتڪاري بابت خيالن جو اظهار وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل آرمي چيف جنرل عاصم منير کي ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.
اداڪارا ميرا تازو جاري ڪيل هڪ وڊيو ۾ پاڪستان جي عالمي سفارتڪاري تي ڳالهايو، جنهن ۾ هن خاص طور تي فيلڊ مارشل ۽ وزيراعظم جي ڪوششن کي ساراهيو.
اداڪارا جو چوڻ هو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل کي ”گريٽ گاءِ“ يعني زبردست شخصيتون قرار ڏيڻ سٺو سنئوڻ آهي، اها پاڪستان جي ڪاميابي آهي.
اداڪارا موجب آمريڪي صدر ۽ پاڪستاني قيادت جي وچ ۾ سٺي ملاقات ٿي، جڏهن ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دفاعي معاهدي سان به ملڪ جي عالمي سطح تي ناماچاري ٿي.
هن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٿيل دفاعي معاهدي کي انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو ته ان سان ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿيندو.
ميرا وزيراعظم شهباز شريف جي گڏيل قومن (يو اين) جي جنرل اسيمبليءَ ۾ ٿيل خطاب جي به واکاڻ ڪئي ۽ ان کي نهايت سٺو قرار ڏنو.
سندس چوڻ وزيراعظم پنهنجي شاندار تقرير ۾ ڪشمير جو به ذڪر ڪيو ۽ سندس خطاب پاڪستان جي عالمي سفارتڪاري جي ڪاميابيءَ جو عڪس هو.
اداڪارا ميرا عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو روشن ڪرڻ تي وزيراعظم ۽ آرمي چيف کي دل سان مبارڪباد پيش ڪئي.
ميرا جي پاڪستان جي عالمي سفارتڪاري بابت ڳالهائڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي ۽ واهپيدار تي دلچسپ تبصرا ڪندي سندس سياست ۾ دلچسپي کي به قابلِ تعريف قرار ڏنو.
You might also like