غزا ۾ جنگبنديءَ جون ڪششون، معاهدي جي تفصيل سامهون ويا

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سومر تي اسرائيل جي وزيراعظم بينيامن نيتن ياهو سان وائيٽ هائوس ۾ ملاقات دوران غزا جنگ جي خاتمي لاءِ هڪ نئين امن منصوبي تي زور ڏيندو
ٽرمپ جمعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو هو ته ”منهنجي خيال ۾ اسان هڪ معاهدي تي پهچي چڪا آهيون.“
پر آچر تي نيتن ياهو چيو ته اڃا تائين معاهدي کي حتمي شڪل ناهي ڏني وئي.
ٻئي پاسي حماس چيو آهي ته اسان کي باظابطا طور تي تجويزرون نه موڪليو ويون آهن.
آمريڪي ۽ اسرائيلي ميڊيا تي گردش ڪندڙ مسودن موجب تجويز ڪيل جنگبندي منصوبي ۾ 48 ڪلاڪن اندر يرغمالين جي آزادي جو شرط رکيل آهي، يرغمالين جي واپسي کانپوءِ اسرائيل عمر قيد جي سزا ڀوڳيندڙ سوين فلسطيني قيدين کي ڇڏڻ جو اعلان ڪندو.
مسودي موجب، حماس جا اُهُي ميمبر جيڪي امن جو عزم ڪن ٿا، کين عام معافي ۽ غزا کان محفوظ رستي جي آڇ ڪئي ويندي.
رپورٽن موجب، اهڙي معافي جي صورت ۾ اهو گروپ مستقبل ۾ علائقي ۾ ڪو ڪردار نه هوندو ۽ حماس جي سمورن فوجي ڍانچن کي تباهه ڪيو ويندو.
معاهدي موجب، اسرائيلي ڊفينس فورسز هوريان هوريان غزا مان نڪري وينديون ۽ غزا لاءِ عبوري حڪومت قائم ڪئي ويندي.
ماهرين جو چوڻ آهي ته تجويز ڪيل رٿ ذريعي ٽرمپ انتظاميا جي پاليسيءَ ۾ تبديلي جي عڪاسي ٿيندي، ڇاڪاڻ ته ٽرمپ اڳ ۾ ئي غزا جي اٽڪل 20 لک آبادي کي منتقل ڪرڻ ۽ غزا کي ڪنهن آمريڪي ملڪيت وارين فائونڊيشن جي حوالي ڪرڻ جو اظهارڪري چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.