لنڊن(ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ٻيا ملڪ پاڪستان سان دفاعي معاهدو ڪرڻ چاهين ٿا.
لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ” معرڪاءِ حق “ ۾ پاڻ کي دفاعي طور تي ثابت ڪيو آهي، هاڻ معاشي طاقت بڻجڻ جو وقت آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب واري معاهدي ۾ ٻنهي ملڪن جو فائدو آهي، ڪنهن به ملڪ کي هن معاهدي تي خدشا نه آهن، جڏهن ته ڪيترائي ٻيا ملڪ به پاڪستان سان اهڙو معاهدو ڪرڻ چاهين ٿا.
ياد رهي ته 17 سيپٽمبر تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ هڪ ٻه طرفو دفاعي معاهدو ٿيو هو، جنهن تحت ڪنهن به هڪ ملڪ خلاف جارحيت ٻنهي ملڪن خلاف جارحيت تصور ڪئي ويندي.
You might also like