مودي پاران راند کي سياست سان داغدار ڪرڻ جي ڪوشش، اپوزيشن جي ڇتي تنقيد

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي طرفان راند کي سياست سان داغدار ڪرڻ تي اپوزيشن جماعت ڪانگريس ڇتي تنقيد ڪئي آهي.
ايشيا ڪپ جي فتح کي ”آپريشن سندور“ سان جوڙڻ تي ڀارتي اپوزيشن جماعت ڪانگريس مودي کي تنقيد جو نشانو بڻايو.
ڪانگريس اڳواڻ اَتل پٽيل چيو ته راند کي جنگي بيانئي سان ملائڻ ناقابل قبول آهي، هن سوال اُٿاريو ته ڇا مودي کي پرڏيهي پاليسي ۽ سفارتڪاري جي ڪا سمجهه به آهي؟
ڀارتي اپوزيشن اڳواڻ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ميچ کيڏي وئي ته راند جي روح سان کيڏڻ گهرجي ها، ان کي جنگي پروپئگينڊا جو حصو نه بڻائڻ گهرجي ها.
مهاراشٽر ڪانگريس جي صدر هرش ورڌن سڪپال به چيو ته مودي هوا هجي، پاڻي هجي يا راند، هر جاءِ تي سياست ۽ پولرائزيشن ٽُنبي ڇڏي ٿو.
هرش ورڌن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مودي ملڪ جي وقار جو خيال رکڻ بدران راندين کي به سياسي نفرت جي ايجنڊا لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي.
ياد رهي ته ان کان اڳ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر محسن نقوي به ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي تي تنقيد ڪندي چيو هو ته جنگ کي راند سان ڳنڍڻ مايوسي جي علامت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.