فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته منهنجو پاڻي، منهنجو پئسو ڪنهن کي ان سان ڪهڙي تڪليف آهي، پنجاب کي صلاح ڏيندڙ پنهنجون صلاحون پاڻ وٽ رکن.
فيصل آباد ۾ تقريب ۾ خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته جڏهن نواز شريف تي سخت وقت آيو ته سڀئي اڳواڻ سيٺا رُڪ جي ڀت جيان بيٺا رهيا، راڻا ثناءُ الله تي منشيات جو بي بنياد ڪيس ٺاهيو ويو.
سندس چوڻ هو ته پنجاب پنهنجي عوام کي يورپ جهڙي ٽرانسپورٽ فراهم ڪري رهيو آهي، اليڪٽرڪ بسون ننڍن شهرن ۽ وڏن شهرن ۾ آڻينداسين، مان پنهنجي شهرين تي ٻوجهه نه وجهنديس، اليڪٽرڪ بسن جو ڀاڙو رڳو20 رپيا آهي.
هن چيو ته فيصل آباد ڊويزن لاءِ 150 اليڪٽرڪ بسون آنديون ويون آهن، جهه هفتن ۾ فيصل آباد ۾ ميٽرو جي تعمير شروع ٿي ويندي، اهو وقت گهڻو پري ناهي جڏهن فيصل آباد لاهور کان وڌيڪ ترقي يافته شهر ٿي ويندو. راولپنڊي ۾ جديد اليڪٽرڪ ٽرينون آڻينداسين، جھنگ ۽ چنيوٽ کي به اليڪٽرڪ بسون ملنديون.
وزيراعليٰ چيو ته مان تنقيد کي هميشه هاڪاري انداز ۾ وٺندي آهيان پر پنجاب ۽ پنجاب جي عوام تي ڪنهن به صورت تنقيد برداشت نه ڪنديس، پنجاب پنهنجي شهرين جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿو.
هن چيو ته ملڪ ۾ ترقياتي منصوبن جي پٺيان نواز شريف ۽ شهباز شريف جا نالا تاريخ ۾ لکيا ويندا، جيڪي ٻين تي ڪارنهن ۽ جوتو اُڇلائڻ جون هدايتون ڏيندا هئا اڄ هڪٻئي کي جوتا هڻي رهيا آهن، گاريون ڏيندڙ اڄ پنهنجو انجام تي پهچي چڪا آهن. اسان جو ڌيان عوام جي خدمت تي آهي، منهنجي لاءِ پنجاب جا شهري، سندن ملڪيتون ۽ چوپايو مال تمام گهڻي اهميت رکن ٿا، مخالفن کان قدرت بدلو وٺي رهي آهي.
مريم نواز چيو ته جيڪڏهن توهان سنڌ ۾ ڪو ڪم ڪيو ته مون کي خوشي ٿيندي پر ڪجهه ڪيو ته صحيح، پنجاب ۾ ميٽرو ٺهي، اورينج لائين ۽ موٽروي ٺهيون، روڊن جو ڄار وڇايو ويو، پنجاب ڪئنال ڪڍڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته توهان کي تڪليف ڇو ٿي ٿئي؟، توهان کي ڪهڙو اعتراض آهي؟ جڏهن پنجاب جي عوام کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏنو ويو ته آءِ ايف ايم وٽ وڃي شڪايتون ڪيون ويون، مهرباني ڪري پنجاب جي معاملن تي تنقيد ڪرڻ بند ڪريو، پنجاب جا سوين منصوبا ڳڻائي سگهان ٿي.
هن چيو ته اين ايف سي ۾ چئني صوبن کي هڪ جهڙا پئسا ملن ٿا، توهان پئسا ڪٿي لڳائيندا آهيو؟ گهرڻ وارو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي، پنجاب ڪڏهن به توهان جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪئي توهان به ائين نه ڪريو، ڇا اوهان وٽ هر شيءِ جو حل ڪشڪول کڻي بيهڻ آهي؟
مريم نواز چيو ته ”مون کي پاڻي چوري نه ڪرڻو هو، پنهنجي پاڻي سان چولستان جي زمين کي آباد ڪرڻو هو، منهنجو پاڻي، منهنجو پئسو آهي، توهان کي ڪهڙي تڪليف آهي ؟ “
هن وڌيڪ چيو ته مخالفن بجلي جي بلن تي رليف ڏيڻ تي اعتراض ڪيا، مان خاموش رهيس، پر جتي پنجاب ۽ هتان جي رهواسين جي حق جي ڳالهه ايندي ته مريم نواز توهان کي نه ڇڏيندي، پنجاب کي صلاح ڏيڻ وارا پنهنجون صلاحون پاڻ وٽ رکن.
منهنجو پاڻي، منهنجو پئسو، پنجاب ۾ ڪئنال ٺاهڻ واري ڳالهه تي ٻين کي تڪليف ڇو ٿي ٿئي؟ مريم نواز
You might also like