بيجنگ (م ڊ) چين جي اڳوڻي زراعت واري وزير تانگ رين جيان کي رشوت وٺڻ جي الزام ۾ جيلن صوبي جي عدالت موت جي سزا ٻڌائي، پر ان تي عملدرآمد 2 سال لاءِ معطل ڪيو ويو. تانگ رين جيان 2007 کان 2024 تائين مختلف عهدن تي رهڻ دوران 26 ڪروڙ 80 لک يوآن رشوت ورتي، جيڪا 3 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ ٿئي ٿي. نومبر 2024 ۾ کيس ڪميونسٽ پارٽي مان خارج ڪيو ويو ۽ پوءِ بدعنواني ڪميشن جاچ شروع ڪئي. مبصرن موجب اها تيز رفتار ڪارروائي غيرمعمولي آهي، صدر شي جن پنگ اڳ ئي خبردار ڪيو هو ته بدعنواني پارٽي لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي.