ڪراچي(رپورٽر) جماعتِ اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته سنڌ جي قدرتي وسيلن تي پهريون حق صوبي جي عوام جو آهي. گھوٽڪي جي ماڙي انرجي ڪمپني سميت سنڌ جي ڪارخانَن، فيڪٽرين، ٿر ڪوئلي سميت گئس ۽ تيل ڪمپنين ۾ مقامي هنر مند نوجوانن کي روزگار نه ڏيڻ تي سترنهن سالن کان حڪمران پيپلزپارٽي لاءِ فڪر جو مقام آهي.مراد علي شاهه کي گهرجي ته سنڌ جي نوجوانن جي فرياد ٻڌي، مقامي ماڻهن کي روزگار کان محروم ڪرڻ وارن ادارن جو نوٽيس وٺي. 21 کان23 نومبر تي مينارِ پاڪستان لاهور ۾ ٿيندڙ جماعت اسلامي جي ملڪ گير اجتماعِ عام ۾ سنڌ جي محرومين ۽ صوبي جي عوام سان ٿيندڙ ناانصافين جو ڪيس پيش ڪنداسين.
اهڙن خيالن جو اظهار هن مرڪزِ تبليغِ اسلام ۾ لوئر سنڌ جي ضلعي اميرن جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي حافظ نصرالله چنا، محمد اَفضال آرائين، محمد يوسف، سهيل احمد شارِق، مولانا عبدالقدّوس احمداڻي ۽ معاون خصوصي زاهد حسين راجپر پڻ موجود هئا.ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته هن وقت سنڌ ۾ هزارين سرڪاري ملازم گذريل هڪ هفتي کان حڪومتي پاليسين خلاف سراپاِ احتجاج آهن. تعليمي ادارا، اسپتالون بند آهن، پر حڪومت جي ڪن تي جونءُ به نٿي سُري جيڪا ڳالهه سندن بي حسي ۽ ڪٺورپڻي جو چٽو ثبوت آهي. سنڌ حڪومت گذريل پنجن سالن ۾ بي روزگار نوجوانن کان چالان جي نالي ۾ اربين روپيا وصول ڪيا آهن، پر لکين نوجوان اڄ به روزگار لاءِ ڊگريون هٿن ۾ کڻي روڊن تي در بدر ٿي رهيا آهن.ڪراچي کان ڪشمور تائين روڊ رستا تباهه جڏهن ته هر شهر موئن جي دڙي جو منظر پيش ڪري رهيو آهي.