ڪنڌڪوٽ ۾ ڌاڙيل راڄ، 27هين ترميم ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف عوامي تحريڪ جي ريلي

ڪنڌڪوٽ (ممتاز سنڌي)ڌاڙيل راڄ، 27هين آئيني ترميم ذريعي سنڌ ۾ نئون صوبو ٺاهڻ جي سازش، ڪارپوريٽ فارمنگ، نون ڊيمن ۽ ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ طرفان گهنٽا گهر چوڪ کان ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جتي پهچي ڌرڻو هنيو ويو.ريلي جي ڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي، عوامي تحريڪ ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي صدر ايڊووڪيٽ آصف کوسو، منصور ٻپڙ، گلاب ٻپڙ، صدام کوسو، نواز ٻپڙ، سلطان گجراڻي، گل حسن ٻپڙ، تاج کوسو ۽ صدام ٻپڙ سميت ٻين اڳواڻن ڪئي.ريلي کي خطاب ڪندي ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته سنڌ جا وسيلا آمريڪا حوالي ڪرڻ لاءِ شهباز-بلاول اتحادي سرڪار آمريڪا سان ڳجهي ڊيل ڪئي آهي. سنڌ ۾ تيل ۽ گئس جا ذخيرا وڏي مقدار ۾ موجود آهن، جن تي آمريڪي سامراج جي ميري اک آهي. انهن وسيلن تي قبضا ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ بدامني، لاقانونيت، ڌاڙيل راڄ ۽ دهشتگردي کي هٿي ڏني وئي آهي.هن چيو ته سنڌ جي شهرن ۾ دهشتگرد ۽ ٻهراڙي ۾ ڌاڙيل سرگرم آهن، جڏهن ته منشيات عام ڪري نوجوانن جي مستقبل تباهه ڪيو پيو وڃي ته جيئن اهي ڌرتي ۽ درياهه بچائڻ لاءِ جدوجهد نه ڪري سگهن.ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته سنڌ مان ڪڻڪ ۽ ٻين کاڌ خوراڪ جي شين کي افغانستان ۽ ٻين ملڪن ڏانهن اسمگل ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته بدلي ۾ منشيات ۽ هٿيار سنڌ ۾ آندا وڃن ٿا. اسمگلرن کي مڪمل سرڪاري سرپرستي حاصل آهي. هن وڌيڪ چيو ته نيٽو جا هٿيار ڪچي جي ڌاڙيلن تائين سرڪاري سردارن جي ذريعي پهچن ٿا.هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ سردارن جي سرپرستي کانسواءِ ڌاڙيل هڪ ماڻهو کي به اغوا نٿا ڪري سگهن. پيپلز پارٽي جي سردارن لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن ۾ اغوا انڊسٽري قائم ڪري عوام کي عذاب ۾ وڌو آهي.27هين آئيني ترميم بابت ڳالهائيندي وسند ٿري چيو ته ان ذريعي نون صوبن جي نالي ۾ ملڪ ۾ شامل قومن جي وحدت، ثقافت ۽ وجود کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، جيڪا سنڌي، بلوچ، سرائيڪي، پشتون ۽ پنجابي قومن لاءِ ڊيٿ وارنٽ آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌي قوم ڪنهن به صورت ۾ اهڙي ترميم کي برداشت نه ڪندي ۽ ڀرپور جدوجهد جاري رکندي.وسند ٿري چيو ته پيڪا ايڪٽ ۽ اينٽي ٽيررزم ايڪٽ جهڙا ڪارا قانون آڻي آئين جي لتاڙ ڪئي وئي آهي ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهينور احمد ڪاتيار چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي لکين ايڪڙ زمين تي قبضا ڪيا پيا وڃن. ٻيلا وڍي، ٻيلن جي زمين به ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين حوالي ڪئي پئي وڃي، آصف کوسو چيو ته سنڌ جو 91 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي پنجاب چورائي رهيو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.