ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات کانپوءِ پاڪ-آمريڪا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا: وزيراعظم

لنڊن (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته واشنگٽن ۾ آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ سان ڏاڍي اهم ملاقات ٿي، سٺي ماحول ۾ ٿيل ملاقات سان پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.
وزيراعظم شهباز شريف برطانيا ۾ سمندر پار پاڪستانين کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ترقي جي رستي هلي رهيو آهي، هي سڀ ڪجهه ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي. مسلم ملڪن جي سربراهه سان گڏ به غزا جي مسئلي تي آمريڪي صدر سان ملاقات ٿي هئي، اميد آهي ته ان سلسلي ۾ جلد سٺا نتيجا سامهون ايندا.
وزيراعطم موجب، غزا ۾ 64 هزار کان وڌيڪ بيگناهه ٻار، نوجوان، بزرگ ۽ عورتون شهيد ڪيون ويون، اهڙو ظلم اسان اڳ ڪڏهن ناهي ڏٺو، دعا آهي ته غزا ۾ هي ظلم جلد کان جلد ختم ٿئي.
هن چيو ته گڏيل قومن جي اجلاس ۾ پنهنجي تقرير دوران 24 ڪروڙ پاڪستانين جي جذبات جي عڪاسي ڪئي، ڪشمير جو ڪيس پڻ وڙهيو.
شهباز شريف سمندر پار پاڪستانين جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته سمندر پار پاڪستاني پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ ملڪ جي خدمت ڪري رهيا آهن، توهان پاڪستان جا سفير آهيو.
وزيراعظم چيو ته 2 کان 3 سال اڳ پاڪستان جي معيشت هچڪليون کائي رهي هئي، اڄ اسان جي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي، معيشت جي ترقي جو وقت اچي چڪو آهي، هي سڀ ڪجهه ٽيم ورڪ جي نتيجي ۾ ٿيو، ٽيم ورڪ کان سواءِ ڪا ڪاميابي حاصل نٿي ٿئي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پرڏيهي ميدان، عسڪري ۽ معاشي ميدان ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، پاڪستان جي عزت ۽ توقير ۾ واڌ ٿي آهي. اسان جنگ کٽي دشمن کي شڪست ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.