ڪراچي (ويب ڊيسڪ)نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، سڌ سماءُ واري وفاقي عطاالله تارڙ، وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن ۽ عزم جو اظهار ڪيو آهي ته شاهين اڄ ڀارت جو تڪبر مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندا.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته سڀئي رانديگر محنتي آهن ۽ جيت لاءِ پرعزم آهن.
هن چيو ته راند ۾ هار کٽ ٿيندي رهندي آهي دعاگو آهيان ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کٽي.
سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي ته مونکي پوري اميد آهي ته انشاءَ الله اڄ پاڪستان کٽيندو.
هن چيو ته گذريل ميچ ۾ ڀارتي ٽيم جو انداز تڪبر وارو هو ۽ غرور جو سر سدائين جهڪيل هوندو آهي.
وفاقي وزير چيو ته جڏهن اسان جي رانديگرن کي دٻايو ويندو آهي ته سندن حب الوطني جو جذبو اڀري ايندو آ.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به پاڪ-ڀارت ايشيا ڪپ جي فائنل مقابلي تي شاهينن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته اميد آهي ته قومي ٽيم اڄ قوم جي اميدن تي پوري لهندي.
هن چيو ته شاهين اڄ ڀرپور راند جو مظاهرو ڪري فتح حاصل ڪري موٽندا، شاهين ميچ جو پاسو پلٽڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿا.
هن چيو ته اڄ ڀارت جو تڪبر مٽيءَ ۾ ملائڻ جو ڏينهن آهي، پوري قوم شاهينن جي فتح لاءِ دعاگو آهي
”اڄ ڀارت جو غرور مٽيءَ ۾ ملائڻ جو ڏينهن آهي“ سياستدان ۾ به پاڪستاني ٽيم کي فتح لاءِ پرعزم
You might also like