پاڪ-ڀارت فائنل: شوقينن ٽاس جي شفافيت تي سوال اٿاري ڇڏيا

دبئي(ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ ٽي ٽوئنٽي جي فائنل ۾ ڀارت پاڪستان خلاف ٽاس جيتڻ بعد پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ايشيا ڪپ جي 41 ورهين جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪ-ڀارت فائنل ٿي رهيو آهي، جيڪو دبئي ۾ کيڏيو پيو وڃي.
سوشل ميڊيا واهپيدارن ٽاس جي شفافيت تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.
واهپيدارن چوڻ آهي ته جڏهن ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو ٽاس هوا ۾ اُڇلائي ۽ سڪو زمين تي آيو ته ميچ ريفري رچي رچرڊسن سڪو کڻڻ کان اڳ ئي سوريا ڪمار چيو ته هو پهرين فيلڊنگ ڪندو.
واهپيدارن سوال ڪيو ته ميچ ريفري طرفان ”سڪو کڻڻ ۽ اهو پڪ ڪرڻ ته ٽاس ڪنهن کٽي آهي“ کان اڳ ئي ڀارتي ڪپتان ڪيئن چئي ڇڏيو ته هو پهرين بالنگ ڪندو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.