ڪابل( ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ 2022ع ڌماڪي جو سهولتڪار داعش خراسان جو ڪمانڊر محمد احساني عرف انوار افغانستان ۾ مارجي ويو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، داعش خراسان جو ڪمانڊر محمد احساني عرف انوار افغانستان جي شهر مزار شريف ۾ مارجي ويو.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڪمانڊر احساني 2022ع جي پشاور ڪوچه رسالدار ڌماڪي جو مُک سهولتڪار هو، جنهن ۾ 67 ڄڻا شهيد ٿي ويا هئا.
ذريعن موجب، احساني تاجڪ آپگهاتي بمبارن کي پاڪستان آڻڻ ۽ تربيت ڏيڻ جو ذميوار هو.
You might also like