ايشيا ڪپ فائنل: ” ڀارت خلاف کُلي کيڏو، مان سڀ سنڀالي وٺندس“ نقويءَ جو ٽيم کي پيغام

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) جي چيئرمين محسن نقوي پاڪستاني رانديگرن کي ڀارت خلاف ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ کُلي کيڏڻ جو پيغام ڏئي ڇڏيو.
ذريعن موجب، ڀارت خلاف وڏي ۽ فيصلائتي ميچ کان اڳ محسن نقوي قومي رانديگرن کي اهم پيغام موڪلي چيو ته ڀارتي ٽيم جو کلي مقابلو ڪريو ۽ جيڪو وڻيوَ ڪريو، مان سڀ ڪجهه هينڊل ڪري وٺندس.
ايشيا ڪپ فائنل کان اڳ پاڪستان ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ايشيا ڪپ دوران ۽ ان کان اڳ ٽيم جيڪو جذبو ڏيکاريو ان تي فخر آهي.
مائيڪ هيسن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايشيا ڪپ جو فائنل اچڻ ۾ 41 سال لڳي ويا، اڄوڪي ميچ ڏاڍي شاندار هوندي.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايشيا ڪپ جو فائنل اڄ دبئي ۾ کيڏيو ويندو.
روايتي مخالف ايشيا ڪپ جي 41 ورهين جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فائنل ۾ دوبدو هوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.