دبئي (ويب ڊيسڪ)ايشيائي ڪرڪيٽ تي حڪراني لاءِ آخري دنگل ۾ ڀارت پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ڀارتي آل رائونڊر هاردِڪ پانڊيا انجري سبب سڀ کان وڏي مقابلي مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ 2025 جي فائنل ۾ اڄ دبئي ۾ دوبدو آهن.
ايشيا ڪپ جي 41 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪ-ڀارت فائنل ٿي رهيو آهي.
فائنل لاءِ گرين شرٽس پُرعزم ۽ کٽڻ لاءِ تيار آهن، جڏهن ته شوقين به انتهائي پرجوش آهن ۽ پاڪستان جي کٽڻ جون اميدون برقرار آهن.
You might also like