دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو آهي ته اسان جو مقصد ايشيا ڪپ کٽڻ آهي ۽ سڀاڻي به اسان ساڳئي مقصد سان ميدان ۾ لهنداسين، ٻاهر ڪير ڇا ٿو چئي اسان کي ان جو ڪو فرق نه ٿو پئي، اسان هتي رڳو ڪرڪيٽ کيڏڻ آيا آهيون.
دبئي ۾ پريس ڪانفرنس دوران سلمان علي آغا چيو ته ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پِچ ۽ حالتن کي ڏسندي پليئنگ اليون جو فيصلو ڪيو ويندو، ٽيم ۾ فاسٽ بالر يا اسپنرز کي شامل ڪرڻ جو فيصلو به پچ ڏسي ڪيو ويندو.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان سڀني رانديگرن کي آزادي ڏيان ٿو ته هو ميدان اندر جيڪو چاهين ڪن، پر اها اجازت نه ڏيندس ته ڪو رانديگر ڪنهن جي توهين ڪري .
هينڊ شيڪ بابت سوال تي هن چيو ته مان 2007ع کان پروفيشنل ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهيان، مون اڄ تائين اهڙو ڪجهه نه ڏٺو آهي ته ڪنهن ٽيم ۾ هينڊ شيڪ نه ٿيو هجي، مون ايترو ئي ٻڌو آهي ته ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ اهڙو واقعو ڪڏهن نه ٿيو.
سلمان علي آغا چيو ته ماضيءَ ۾ پاڪ-ڀارت ٽيمن ۾ لاڳاپا ڪافي ڇڪتاڻ رهيا آهن، پر اهڙي صورتحال نه ڏٺي آهي ته رانديگر پاڻ ۾ هٿ به نه ملائين.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گرائونڊ کان ٻاهر جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو اسان جي ڪنٽرول ۾ نه آهي، پوءِ اهو ميڊيا ڪري رهيو هجي يا ٻيو ڪو، اسان رڳو ان کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون جيڪو اسان ڪنٽرول ڪري سگهون.
هن وڌيڪ چيو ته ٻاهر جيڪي ڪجهه چيو پيو وڃي ، ان جو اسان تي ڪو فرق نه پوندو، ڇو ته اسان هتي صرف سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻ آيا آهيون، اسان جو مقصد ايشيا ڪپ کٽڻ آهي ۽ ساڳئي مقصد سان ميدان تي لهنداسين.
پاڪستاني ڪپتان چيو ته بيٽر طور اسان سڀني جي ذميواري آهي ته سٺي ڪرڪيٽ کيڏون ۽ سڀني کي خبر آهي ته هاڻي تائين اسان سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري آهي، شايد اسان پنهنجو بهترين گيم فائنل لاءِ ئي رکي هجي جيڪاسڀاڻي سڀني کي ڏيکارينداسين.
ٽاس بابت سوال تي هن چيو ته ٽاس ڪنهن به ميچ ۾ ايتري اهميت نٿي رکي ۽ ڪا به ٽيم ٽاس ڏسي پنهنجي حڪمت عملي ناهي ٺاهيندي سڀاڻي به ائين ٿيندو.
سلمان علي آغا چيو ته سڀاڻي انشاءَ الله پاڪستان کي فاتح بڻبو، اسان ڄاڻون ٿا جيڪڏهن اسان پنهنجي بهترين ڪرڪيٽ کيڏي ۽ 40 اوورن تائين پنهنجي گيم پلان موجب کيڏياسينته ڪنهن به ٽيم کي شڪست ڏئي سگهون ٿا.
ٽورنامنٽ جي فائنل کان اڳ ٽرافي سان ڪيپٽن جي روايتي فوٽو شوٽ بابت سوال تي هن چيو ته جنهن کي جيڪو وڻي ڪري، اسان پروٽوڪول کي فالو ڪنداسين ۽ پنهنجي حصي جو ڪم ڪنداسين، جيڪو اچڻ چاهي اچي نه اچڻ چاهي ته نه اچي اسان ڇا ٿا ڪري سگهون؟
صائم ايوب بابت سوال تي هن چيو ته هو اهڙو رانديگر آهي جيڪو ايندڙ 10 سالن تائين پاڪستان جي نمائندگي ڪري سگهي ٿو ۽ مون کي اميد آهي ته هو ضرور ڪندو، اهڙن رانديگرن کي توهان کي سپورٽ ڪرڻو پوندو، توهان سڀني هن جي فيلڊنگ ۽ بالنگ ڏٺي آهي ۽ هر ميچ ۾ ڪجهه نه ڪجهه حصو شامل ڪندو آهي، بيٽنگ ۾ هو هاڻي تائين ڪجهه نه ڪري سگهيو آهي، پر مون کي اميد آهي ته فائنل ۾ هو ضرور ڪجهه ڪندو.
اسان بهترين ڪرڪيٽ فائنل لاءِ بچائي رکي آهي، ايشيا ڪپ کٽينداسين:سلمان علي آغا
You might also like