مريم نواز خلاف سوشل ميڊيا تي گٿن لفظن جو استعمال ڪندڙ 3 جوابدار گرفتار

خفيصل آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز خلاف سوشل ميڊيا تي غير اخلاقي ۽ اڻوڻندڙ ٻولي استعمال ڪرڻ واري وڊيو اپلوڊ ڪرڻ تي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
اين سي سي آءِ اي ترجمان موجب سرگوڌا جي رهواسي نوجوانن سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو اپلوڊ ڪئي هئي، جنهن ۾ وزيراعليٰ پنجاب خلاف گٿا لفظ ۽ غير اخلاقي ٻولي استعمال ڪئي وئي هئي.
ترجمان جو چوڻ هو ته اين سي سي آءِ اي ٽنهي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ۽ جنرل بس اسٽيشن تي سندن موجودگيءَ جي اطلاع تي ڇاپو هڻي کين گرفتار ڪيو ويو.
ترجمان موجب، جوابدارن جا موبائل فون پڻ ضبط ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.