ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مسلسل ٻه ڏينهن سستو ٿيڻ بعد ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولون سون 1900 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 3 لک 97 هزار 700 رپين جو ٿي ويو .
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 1629 رپيا واڌ سان 3 لک 40 هزار 963 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون جي قيمت 19 اضافي بعد 3759 ڊالرز آهي.
You might also like